تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

قوم کي دوکي ۾ رکي ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته قوم کي دوکي ۾ رکي ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ اعجاز الحسن تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ناقص کير جي وڪري بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ناقص کير جي وڪري خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهڙين رپورٽن تي ڀاڙي نه ٿو سگهجي جنهن سان معاشري ۾ ڏڦيڙ پکڙجي، جيڪي معياري کير وڪرو ڪري رهياآهن عدالت سندن ڪم بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، عدالت جو مقصد ڪنهن جو ڪاروبار ختم ڪرڻ ناهي. چيف جسٽس چيو ته کليل کير جي وڪري ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ناقص کير جي وڪري سان ٻارڙا متاٿر ٿي رهيا آهن جنهن تي عدالت کي سخت ڳڻتي آهي. ٻڌڻي دوران ڊي جي پنجاب فوڊ اٿارٽي نورالامين مينگل عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊي جي فوڊ اٿارٽي عدالت کي آگاهه ڪيو ته آگسٽ ۾ کليل ۽ بند کير جا نمونا وٺي ٽيسٽ ڪرايا ويا، صحت لاءِ خراب پائوڊر واري کير جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي. هن چيو ته فوڊ سيفٽي سان کير سيفٽي جون ٽيمون ٺاهي رهيا آهيون، کير جي سيفٽي جون ٽيمون روزاني بنيادن تي کير جي نمونن جو جائزو وٺنديون.  چيف جسٽس چيو ته ٻارڙن کي دٻي جي کير تي لڳايو ويو آهي جيتوڻيڪ اهو کير ناهي،  قوم کي دوکي ۾ رکي ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ڊي جي فوڊ عدالت کي آگاهه ڪيو ته   سجاڳي مهم هلائي پئي وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇڏيو سجاڳي مهم کي، مان پاڻ متاثر آهيان، دبي تي واضح ۽ وڏن لفظن ۾ لکو هي کير ناهي ڪنهن جي دوکي ۾ نه اچو. چيف جسٽس چيو ته پيمرا کي چونداسين ته کير بابت اشتهاري مهم هلائي وڃي. عدالت سڪي کير يا ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ ڪمپنين کان جواب طلبي لاءِ نوٽيس به جاري ڪيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته مينهن تي لڳندڙ انجيڪشن تي پنجاب ۾ پابندي لڳائي وئي آهي يا نه، ڪڪڙين کي جيڪي انجيڪشن اوراسٽرائيڊز لڳائي ويندا آهن تن جا اثر اسان جي جسم تي اچي رهيا آهن، چڪن کائڻ سان ٻارڙن جا هارمونز تبديلي ٿيڻ جون شڪايتون عام آهن. عدالت انجيڪشن جي وڪري ۾ ملوث ڪمپنين کي منع نامو جاري ڪرڻ جي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *