تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

قبيلائي ضلعن ۾ تاريخ تبديل ٿي پر مخالفن کي لفظ نه ڳالهايو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد/سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سائي پاسپورٽ جي عزت لاءِ وزيراعظم جو آمريڪي دورو وڏو فائديمند آهي، اڳوڻن دورن ۾ پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙيو ويو، عمران خان پاڪستان جو سافٽ اميج دنيا کي ڏيکارڻ ويو آهي. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم جو سڀاڻي آمريڪا ۾ جلسو تاريخ لکندو، عمران خان 20 هزار ماڻهن جي گنجائش واري اسٽيڊيم ۾ تقرير ڪندو، آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم وڏو جلسو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪمرشل اڏام ۾ سفر ڪري سادگي جو مظاهرو ڪيو، عمران خان فيصلو ڪيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو سفر تي خرچ نه ڪندو، هن پاڪستان هائوس ۾ رهي سادگي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، ماضي ۾ ملڪي مفاد کي پاسي تي رکي رڳو شخصيت جي مشهوري ٿيندي هئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان تي ڪرپشن جو ڪو چُٽو ناهي، سندس شهرت ۽ ساک سڄي دنيا ۾ پاڪستان هيرو طور مڃي ويندي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڊي آءِ خان حملي ۾ 6 پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا شهيد ٿيا، 24 ڄڻا زخمي به ٿيا، دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين سان حوصلو هارائڻ وارا ناهيون. هن وڌيڪ چيو ته قبيلائي ضلعن ۾ پرامن چونڊن سان امن جي فتح ٿي، جمهوري عمل مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي تعمير جو سفر شروع ٿيو، پرامن چونڊن سان خوف جي فضا پيدا ڪندڙن جو موقف مري ويو.

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قبيلائي عوام عوامي حقن جي نالي ماتر ضامن بڻجندڙن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ قبيلائي ضلعن ۾ پرامن چونڊن تي سموري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو امن جي ڪاميابي نئين پاڪستان ۾ استحڪام ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج پيش ڪيون ٿا، جن جي ڪيترين ئي قربانين ملڪ جو امن واپس آندو، هڪ پاسي تاريخ لکجي رهي هئي، قبيلائين کي انهن جي صبر جو نتيجو آئيني ۽ جمهوري حقن جي صورت ۾ ملي رهيو هو ته ٻئي پاسي جمهوريت ۽ آئيني حقن لاءِ روئيندڙ پنهنجي ذاتي مفادن ۽ اثاثا بچائڻ لاءِ ويٺا هئا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوامي حقن جي نالي ماتر ضامن بڻجندڙن جون قبائلي عوام ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيون، ڪالهه قبيلائي ضلعن ۾ هڪ تاريخ تبديل ٿي پر انهن مان ڪنهن کي به ايتري توفيق نه ٿي جو جمهوري عمل جي ڪاميابي تي ٻه لفظ ڳالهائن، هنن جي جمهوريت جو مطلب رڳو ذاتي مفادن جو تحفظ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي قوم تي مڙهڻ آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *