تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر منهنجي خاندان جو حصو آهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري ڪهڙي سرپرائيز ڏيندو ان لاءِ 27 ڊسمبر جو انتظار ڪرڻو پوندو، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر منهنجي خاندان جو حصو آهي، فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر سان ڪافي عرصي کان ڪو به رابطو نه ٿيو آهي پر دل جا دروازا هميشه انهن لاءِ کليل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، شهلا رضا، منظور وساڻ، مولا بخش چانڊيو ۽ ٻيا سنڌ اسيمبلي جا ميمبر به گڏ هئا، انهن گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي، بلاول ڀٽو چيو ته قائد اعظم سياسي جدوجهد ذريعي اسان کي آزادي ڏياري، قائد اعظم جو خواب روشن خيال هو، اسان پاڪستان کي قائد اعظم جي ويزن موجب ٺاهينداسين، هن چيو ته آصف زرداري ڪهڙي سرپرائيز ڏيندو ان لاءِ 27 ڊسمبر جو انتظار ڪرڻو پوندو، پنهنجي مامي مرتضيٰ ڀٽو جي ٻارڙن جي حوالي سان هن چيو ته فاطمه ۽ ذولفقار جونيئر منهنجي خاندان جو حصو آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *