تازيون خبرون

عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ توانائي منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف بجلي پيدا ڪرڻ، ورهائڻ ۽ روانگي جي منصوبن بابت فنڊن جي استعمال نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته عوام کي تڪڙو رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بجلي جي منصوبن تي تيزي سان پهرين ترجيحي طور ڪم ڪيو وڃي پرڏيهي امداد جي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ گهرجي جڏهن ته توانائي سان لاڳاپيل ڪميٽي ملائيشيا چين الجزئر نائيجريا ۽ ٽيني ڊاڊ سان ايل اين جي گهرائڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي خميس تي هتي توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي جو نائون اجلاس وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو اجلاس ۾ وفاقي ناڻي وزير محمد اسحاق ڊار وفاقي وزير خواجه محمد آصف وفاقي وزير شاهد خاڪان عباسي، وفاقي وزير احسن اقبال وفاقي وزير خواجه سعد رفيق وڏو وزير محمد شهبازشريف ۽ چيئرمين واپڊا سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي ڪميٽي ملائيشيا چين الجزائر نائيجيريا ۽ ٽرينيڊاڊ سان ايل اين جي گهرائڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني ان ڏس ۾ قطر سان اڳواٽ ئي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ هي فيصلو ڪيو ويو ته ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي شڪايتن کان بچڻ لاءِ ايل اين جي جون ادائيگيون باقاعدگي سان ڪرڻ لاءِ هڪ بهتر طريقو جوڙيو ويندو توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي روس، قطر ۽ چين سان نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي اڏاوت لاءِ حڪوتم جي سطح تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي به منظوري ڏني 42 انچ جي هي پائيپ لائين اين فائيو جي نئين رستي سان گڏوگڏ وڇائي ويندي اجلاس دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايران سان به ڳالهيون ٿي رهيون آهن جڏهن ته ايران تي بين الاقوامي پابندين جي ڪري گهٽ مدي ۾ ايران کان بجلي گهرائڻ ممڪن نه ٿيندي. توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي گوادر نوابشاهه پائيپ لائين کي چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ارلي هارويسٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي باضابطا طور تي منظوري ڏني پاڻي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزيرن ڪميٽي کي ايل اين جي مان 3600 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جو پلانٽ لڳائڻ بابت بريفنگ ڏني ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پورٽ قاسم ۾ ايل اين جي ٽرمينل اينڊڙ مهيني مڪمل ٿي ويندو وزيراعظم هدايت ڪئي ته فزيبلٽي اسٽيڊيز ۽ ٻيون ضروري گهرجون گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ پوريون ڪيون وڃن ۽ ٻئي وزارتون ان ڏس ۾ تفصيلي پريزيٽينشن ڏين وزيراعظم ان منصوبي لاءِ پي ايس ڊي پي مان فنڊ مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني. اقتصادي معاملا ڊويزن جي سيڪريٽري اجلاس ۾ انرجي ايڪٽو پورٽ فوليو جو خاڪو پيش ڪيو ۽ فنڊن جي استعمال ۾ دير جي سببن بابت ٻڌايو اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ماڻهن کي جلد رليف ڏيڻ لاءِ بجلي جي منصوبن تي تيزي سان پهرين ترجيحي طور ڪم ڪرڻ گهرجي هن چيو ته سستي بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پاڪستان توانائي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيو آهي وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته 1680 ڪلوميٽر ڊگهي ترڪمانستان افغانستان پاڪستان ڀارت گئس پائيپ لائين منصوبي (تاپي) تي ڪم جلد شروع ڪيو وڃي جيڪو خطي ۾ انرجي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ جلد فائديمند ثابت ٿيندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *