تازيون خبرون
آمريڪي صدر سان عمران خان جي ملاقات، ٽرمپ پاران ڪشيمر مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ - اخبارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان، ورڪرن جا مسئلا حل ڪرڻ پهتي آهيان: فردوس عاشق - آئين جي حڪمراني تي ٺاهه نٿا ڪري سگهون، عوامي حق غصب ڪندڙ سان ويڙهه ٿيندي: ن ليگ - امداد جو مقصد پاڪستاني معيشت ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ آهي: آءِ ايم ايف - جهڪيو آهيان نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس، سفارشن باوجود اين آر او نه ڏيندس: عمران خان - وڪيل تيزي سان پنهنجي عزت وڃائي رهيا آهن، پنهنجي عزت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائن: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم جي وفد جي ميمبر جي حيثيت سان وائيٽ هائوس واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: آئي ايس پي آر - جج وڊيو اسڪينڊل: ميان طارق 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي،دماغي ڪينسر آهي،  جيل وڃي مري ويندس: جوابدار - سنڌ حڪومت پاران ڊويزنل ھيڊ ڪورٽرز ۾ (اين آءِ سي ايڇ) جا سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو - افسوس آهي ته وزيراعظم پرڏيهه ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪنٽينر تان ناهي لٿو: بلاول ڀٽو زرداري

صولت مرزا ۽ عزير بلوچ رڳو مورا آهن اصل ۾ انهن جي پويان سياسي پارٽيون آهن: پرويز مشرف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته صولت مرزا ۽ عزير بلوچ رڳو مورا آهن انهن جي پويان ته سياسي پارٽيون آهن جڏهن ته ڪراچي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ جو به هٿ آهي. ڪارگل  واري ويڙهه هڪ عظيم فوجي فتح هئي، جنهن کي سياسي هار ۾ تبديل ڪيو ويو.آل پاڪستان مسلم ليگ جي يوٿ ڪنوينشن سان خطاب ڪندي پرويز مشرف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حالت اڄ اهڙي آهي جهڙي مون پنهنجي صدر هجڻ واري دور ۾ پنهنجي آخري خطاب ۾ چئي هئي، پر مون سوچيو به نه هو ته حالتون ايتري حد تائين خراب ٿي وينديون. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي بدقسمتي آهي جو پاڪستان کي سچا، مخلص ۽ ايماندار سياتدان نه مليا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پاڻي، بجلي، گئس، تعليم نه هجڻ جي برابر آهن.ڪارگل واري ويڙهه تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪارگل ۾ اسان 5 اهم اسٽريٽجڪ هنڌن تي ڀارتي علائقن ۾ گهڻو اندر تائين داخل ٿي قبضو ڪري چڪا هئاسين جن مان رڳو هڪ علائقي ۾ اهي 50 سيڪڙو علائقا واپس وٺي سگهيا هئا باقي 4 جي انهن کي خبر به نه هئي.اڳوڻي صدر اسمائيلي برادري تي حملي خلاف سخت مذمت ڪئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *