تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

شريف ڀائرن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، 2017 چونڊن جو سال آهي: منظور وساڻ

ڪنب(رپوٽر)صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته 2017عام چونڊن جو سال آهي شريف ڀائر ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي فنڪشنل ليگ جا اڳواڻ جلد پ پ پ ۾ شامل ٿيندا اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ڪوٽڏيجي علائقي ۾ مختلف جاين تي تعزيتون ڪرڻ ۽ وساڻ هائوس تي صحافين سان ڳالهائندي ڪيو هن چيو ته پ پ پ هر دور اقتدار ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي شهرن ۽ ڳوٽن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون هن چيو ته 2017۾ اليڪشن ٿيندي اليڪشن ۾ پ پ پ چئني صوبن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ حڪومتون به پ پ پ جون ٽهنديون هڪ سوال جي جواب ۾ منظور حسين وساڻ چيو ته هن وقت مسلم ليگ فنڪشنل جا اڳواڻ پ پ پ ۾ شامل ٿيا آهن ۽ ٻيا اڳواڻ به پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن هن چيو ته وفاقي حڪومت پ پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو جا 4 مطالبا منظور نه ڪيا ته 27ڊسمبر کان پوء دمادم مست قلندر ٿيندي ۽ عوام ۽ جيالن جو وڏو سمنڊ رائيونڊ جي ديوار کي ڊاهي ڇڏيندا هن چيو ته شريف ڀائرن ملڪ جو ڏيوالوڪڍي ڇڏيو آهي وفاقي سرڪار جي وزيرن توڙي شريف ڀائرن ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڎي آهي هنن پنهنجا گهر ڀري ڇڏيا آهن هن چيو ته پ پ پ هاڻي پنجاپ ۾ مضبوط پارٽي ٿي اڀرندي ۽ بلاول ڀٽو مستقبل جو وزيراعظم هوندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *