تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

سپريم ڪورٽ خواجه آصف جي نااهلي ختم ڪري ڇڏي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ  اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ خواجه آصف جي تاحيات نااهلي جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي عثمان ڊار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خواجه آصف وفاقي وزير هوندي پرڏيهي ڪمپني ۾  نوڪري ڪندو رهيو آهي، سندس اهو قدم مفادن جو قدم آهي. جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا مفادن جي ٽڪراءَ سان نااهلي ٿي سگهي ٿي، دنيا ۾ مفادن جي ٽڪراءَ تي گهڻو بحث ٿيو آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ جي نياڻي حڪومتي معاملن ۾ ذميواريون سر انجام ڏيندي آهي ۽ سندس ناٺي پنهنجو ڪم ڪندو آهي تنهن ڪري ڇا مفادن جي ٽڪراءَ تي نااهلي ٿيڻ گهرجي يا وري عوام عهديدارن کي وارننگ ڏني وڃي.  خواجه آصف جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيس ۾ شاهدين جو بار درخواستگذار جي ڪلهن تي هوندو آهي، هر ڀل يا غلطي تي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو نه ٿو ٿي، جتي حقيقتون قبول ڪيون وڃن ته پينلٽي نااهلي ٿي سگهي ٿي، قانون تحت اثاثن جا ذريعا ٻڌائڻ لازمي ناهي، اثاثو اهو ئي ٿيندو جيڪو پگهار مان بچت ٿيندو. سپريم ڪورٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف  جي نااهلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته مان عدليه جا ٿورا مڃان ٿو، الله مون عاجز ۽ گناهگار تي رحم ۽ ڪرم ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته رب العزت جي احسان ۽ مهربانين جو شمار ئي ناهي، الله مون عاجز ۽ گناهه گار تي رحم ڪيو آهي، مان عدليه جا ٿورا مڃان ٿو.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *