تازيون خبرون

سي پيڪ جي بنياد رکندڙ آصف زرداري آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(م.ڊ) وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته سي پيڪ جي بنياد رکندڙ آصف زرداري آهي، منهنجي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي دوستي اڻڄاتل ڳالهه آهي. پاناما ليڪس معاملو حل ڪرڻ جي قانون سازي ضروري آهي، عدالتن جو احترام ڪندا آهيون پر پاناما معاملي تي سياسي قوت تي ڀروسو آهي. هن چيو ته پ پ فرمائشي پروگرام تي ناهي هلندي، قانون ساز چون ٿا ته پاناما جي حل لاءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڏيون قوتون ميدان ۾ آيون،  ڏهه کان پندرنهن ماڻهن کان پارٽي شروع ٿئي ٿي ۽ هڪ قافلو بڻجي ٿي وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته آصف زرداري چين جا بي پناهه دورا ڪيا، آصف زرداري اڄ تفصيل سان ٻڌايو ته سي پيڪ جي سوچ ڪيئن پيدا ٿي، پاڪ چائنا دوستي جي پيڙهه جي بنياد جو پٿر ذوالفقار علي ڀٽو آهي. ڪجهه اهڙا پراجيڪٽ به ٿيندا آهن جن جي بنياد ڪير رکندو ۽ افتتاح وري ٻيو ڪير ڪندو آهي. هن چيو ته سي پيڪ آصف زرادري جي محنت آهي، اسان سي پيڪ تي فخر ڪيون ٿا ۽ ان منصوبي جي لاءِ دعاڳو آهيون، سي پيڪ سڄي ملڪ جو منصوبو آهي. اسان وٽ هتي ڪيترائي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن دوران سنڌ ۾ ترقي جي نئين لهر ايندي. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ بابت آصف زرادري جي خدمتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته حڪمرانن سي پيڪ بابت غلط فهميون پيدا ڪيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *