تازيون خبرون

سيوهڻ شريف: قلندر جي مزار تي آپگهاتي حملو، 72 زائرين شهيد، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 250 کان وڌيڪ زخمي، هر طرف قيامت صغريٰ جا منظر، سنڌ ۾ سوڳ

سيوهڻ شريف (اين اين آءِ) سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل قلندر شهباز جي مزار ۾ آپگهاتي حملي دوران 72 زائرين شهيد ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وززير ۽ گورنر فوري طور تي آءِ جي سنڌ کان حادثي جي رپورٽ طلب ڪندي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کي زخمين کي بهتر علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  تفصيل موجب سيوهڻ شريف ۾ مشهور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هزارين زائرين ڌمال جي موجن ۾ مست هئا ته اوچتو آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي کانپوءِ هر طرف قيامت صغرا جا منظر ڏٺا ويا ۽ هرطرف ڀاڄ پئجي وئي ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجڻ سبب زخمي به ٿيا. جڏهن ته ڌماڪي ۾ 72 زائرين شهيد ۽ 250  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي دوران فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڌماڪو مزار جي اڱڻ ۾ ٿيو . ڌماڪو ايترو ته زوردار هيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو واقعي واري هنڌ امدادي ادارن جون ايمبولنس پهچي ويون ، جن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچائڻ شروع ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو منور مهيسر ٻڌايو ته ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿيا آهن هن تصديق ڪئي ته خميس تي زائرين جو وڏو انگ مزار تي حاضري ڀريندو آهي. پوليس موجب ڌماڪو ٿيندي ئي درگاهه کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آندو ويو زخمين جي منتقلي جاري آهي. سنڌ جي صحت واري وزير سڪندر مينڌرو اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي ٻڌايو ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته اسپتالن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن تصديق ڪئي ته ڌماڪو درگاهه اندر ان وقت ٿيو جڏهن ڌمال ٿي رهي هئي. حملو ڪندڙ سوني دروازي کان مزار اندر داخل ٿيو ۽ ان مزار جي اڱڻ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ هر طرف اوندهه ٿي وئي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، رينجرز ۽ پوليس مزار کي گهيري ۾ آڻي واقعي بابت تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. درگاهه لعل قلندر شهباز ۾ ڌماڪي جو اطلاع ملندي سول اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪري انهن کي ڊيوٽين تي طلب ڪيو ويو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي فون ڪري فوري طور تي امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ پوليس سميت ضلعي انتظاميه کي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته دهشتگرد نه مسلمان آهن نه وري انسان آهن وڏي وزير پنهنجي تڪ جي اهم ماڻهن کي به زخمين جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ جي سنڌ هدايت ڏني آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي پوليس سيڪيورٽي پلان تي عملدرآمد کي هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي. فوري طور تي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ناڪابندي ڪري سرچ واري عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. ڪرائيم سين کي محفوظ بڻائيندي سمورين شاهدين جي جاچ جديد ٽيڪنڪ ذريعي سان ڪئي وڃي. سمورن ڊي آءِ جيز، واسطيدار علائقن ۾ سيڪيورٽي جا سخت قدم کڻن. ڏوهارين جي خلاف پوليس ٽارگيٽيڊ آپريشن، ڇاپا مار ڪارروائين کي تيز ڪيو وڃي. ڄامشورو جي ڊپٽي ڪمشنر اعتراف ڪيو آهي ته درگاهه تي سيڪيورٽي جا انتظام نمائشي هوندا آهن جيڪي تمام خراب آهن جنهن سبب دهشتگردي جي اها ڪارروائي آساني سان ٿي وئي. ذريعن موجب فوت ٿيلن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن ۾ واڌ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي. ڌماڪي کانپوءِ درگاهه جي چئني طرفن کان تلاشي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. مزار جي گادي نشين محمد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ڌماڪي وقت سوين ماڻهو مزار جي اڱڻ ۾ موجود هئا . آخري اطلاع اچڻ تائين ڌماڪي دوران زخمي ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت هئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو پڻ ڏيکاريو پئي ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *