تازيون خبرون

سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ٽن مرحلن ۾ ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

سيوهڻ(نمائندو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي، جن جي پيغام تي عمل ڪندي ملڪ مان دهشتگردي ۽ بنياد پرستيءَ جون پاڙون پٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، سنڌ حڪومت صوبي اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، چونڊون ڪرائڻ جي ذميداري اليڪشن ڪميشن جي آهي، صوبائي حڪومت سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ امن امان جي صورتحال تي ضابطوآڻڻ لاءِ پنهنجو ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندي. سپريم ڪورٽ جي هدايتن تحت 30 سيپٽمبر تائين مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، صاف ۽ شفاف چونڊنلاءِ مڪاني چونڊون 3 مرحلن ۾ ڪرائڻ گهرجن. هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر﷥ جي 763هين عرس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مزار تي حاضري ڀري گُلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني پڻ ڪئي. درگاهه جي اڱڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هن سال حضرت لعل شهباز قلندر﷥ جي عرس جي موقعي تي بهترين انتظام ڪيا هئا پر تنهن جي باوجود مختلف سببن جي ڪري ٿيل فوتگين تي ڏُک ٿيو آهي. هن فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته فوتگين جي واقعن جي جاچ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد سيد آصف حيدر شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو سميت شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت پارٽيءَ جا سمورا اڳواڻ قلندر جي درگاهه جا پانڌيئڙا آهن جيڪي درگاهه تي حاضري ڀريندي هميشه پنهنجو فرض نڀائيندا رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو اهو فرض آهي ته اسان قلندري فڪر تي عمل ڪريون. عرس جي موقعي تي ٿيندڙ فوتگين جي واقعن کي روڪڻ جي حوالي سان مستقل حڪمت عمليءَ بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه چيو ته هن سال تمام بهتر انتظام ڪيا ويا هئا جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري فوتگين جو تعداد گهٽ ٿيو آهي. هن چيو ته لکين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه کوٽ ۽ ڪمي پيشي رهندي ويندي آهي پر ان جي باوجود به حڪومت بهتر انتظام ڪيا هئا. وڏي وزير چيو ته هن سال ٿيل فوتگين ۾ گهڻي تعداد ۾ ماڻهن دل جي بيمارين ۽ ساهه جا مريض هئا جن جي تصديق فوتين جي وارثن پڻ ڪئي آهي، باقي گرميءَ جي ڪري فوت ٿيلن جو تعداد بنهه گهٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ صوبائي حڪومت تيار آهي، هن چيو ته اسان جي اها تجويز آهي ته مڪاني چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ انهن کي 3 مرحلن ۾ ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ سان چونڊن جي شفافيت ممڪن نه ٿي سگهندي جنهن جو چِٽو مثال تازو خيبر پختونخواه ۾ ٿيل مڪاني چونڊون آهن. هن چيو ته مڪاني چونڊن دوران سنڌ حڪومت فقط سهولتن جي فراهمي ڪندي ۽ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي باقي چونڊن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. بعد ۾ وڏي وزير درگاهه جي اڱڻ ۾ سپاف ڄامشورو طرفان لڳايل طبي ڪيمپ جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اَي سڪندر شورو، ايم پي اَي سيد مظفر شاهه هاشمي، ڪمشنر حيدرآباد آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري اوقاف ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پڻ موجود هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *