تازيون خبرون

سنڌ حڪومت نااهل آهي: (چوڌري نثار)، چوڌري نثار صاحب! توهان انسان بڻجو:بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر ڀيري چئون ٿا ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي، سيوهڻ شريف واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ڪنهن تي الزام هڻڻ نه ٿا چاهيون. چوڌري نثار توهان انسان بڻجو، پاليسين تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ان کي ذاتي نه ورتو وڃي. سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو. اهرن خيالن جو اظهار هن آچر تي نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ سيوهڻ جي ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي صحت جو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو ۽ جميل احمد سومرو به ساڻس گڏ هئا.   واقعي ۾ جيتري سنڌ حڪومت ذميوار آهي اوترو ئي وفاق به ذميوار آهي.  وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار پاران سنڌ حڪومت کي نااهل قرار ڏيڻ تي بلاول ڀُٽي زرداريءَ پنهنجو ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي سيوهڻ بم ڌماڪي بعد سنڌ حڪومت کي ان جو ذميوار قرار ڏيندي سنڌ حڪومت اناهل قرار ڏنو هوبلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وزيراعظم به پنهنجي ڪابينا سان گڏ زخمين جي عيادت لاءِ پهتو هو وزيراعظم تي تنقيد لاءِ هي وقت مناسب ناهي. هن چيو ته چوڌري نثار علي خان الزام نه هڻي ۽ هي وقت الزامن جو ناهي. اسان سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ جيتري سنڌ حڪومت ذميوار آهي اوتري وفاق حڪومت به آهي. بلاول ڀٽو چيو ته درگاهه لعل شهباز قلندر جي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي هن چيو ته اهو واقعو انتهائي دل کي ڏکائيندڙ واقعو آهي ظالم دهشتگردن سنڌ جي ثقافت تي حملو ڪيو آهي نيشنل ايڪشن پلان مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ منهنجي امڙ شهيد ٿي سنڌ حڪومت پنهنجي ٿورڙن وسيلن ۾ صوبي ۾ امن جي بحالي کي يقيني بنائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي. هڪ سوالي تي هن چيو ته توهان جذباتي نه ٿيو اسان وفاقي حڪومت کي ڏسي رهيا آهيون، ڪجهه دهشتگرد ملڪ جي عوام کي يرغمال نه ٿا بڻائي سگهن. دهشتگردي جو شڪار شهيد ۽ زخمين جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. معصوم زندگين کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *