تازيون خبرون
پاڪستان جي هاڪاري رويي کي ڀليڪار، اميد ته ڀارت سهڪار ڪندو: برطانوي پارليامينٽ ميمبر - غير جمهوري سازش نه ڪنداسين، آئيندي طريقي سان حڪومت ڪيرائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري - غيرقانوني اڏاوتن جي ڀرمار: ڪراچي شهر جي تباهيءَ جي ذميوار ايس بي سي اي قرار - پنجاب ۾ 5 آئي جي بدلي ڪيا ويا پر سنڌ ۾ وفاق غير معقول رويو اپنايو: وڏو وزير - اٽي بحران جي شروعاتي رپورٽ تي وزيراعظم وڌيڪ جواب طلب ڪيا آهن.راڻا ثناءُ الله مون کي بچايو تحريڪ هلائي رهيو آهي: فردوس عاشق - عالمي سطح تي به ملڪن ۾ برابري ناهي، 5 ملڪن وٽ ويٽو جا اختيار هجڻ به اڻبرابري جو مثال آهي: انتونيو گوتريس - ڪو فاسٽ مارچ نه ٿيندو، مولانا فضل الرحمان ڌرڻو هنيو ته کنڀجي ويندو: شيخ رشيد - ايف اي ٽي ايف مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ خلاف پاڪستاني ڪوششن جو اعتراف، نالو في الحال گري لسٽ ۾ رهڻ جو امڪان - سنڌ حڪومت سدائين پي ايس ايل کي سپورٽ ڪيو: احسان ماني - اسلام ڪوٽ: اڳوڻي پريميڪا جي تصوير اپ لوڊ ڪرڻ بعد نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي جي 20 هين ورسي ملهائي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) سنڌ جي قومي ۽ سريلي راڳي سرمد سنڌي جي اڄ 20 هين ورسي ملهائي وئي، قومي راڳي سرمد سنڌي جي ورسي جي حوالي سان مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون ، جن ۾ سنڌ جا مشهور راڳين، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي، سرمد سنڌي جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. پاڻ خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ اک کوليائين. ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو پر سندس سرائيڪي گيت به ڏاڍا مشهور ٿيا. سنڌ جو اهو قومي راڳي هڪ روڊ حادثي سبب هن دنيا مان 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *