تازيون خبرون

سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ رهندڙن کي مبارڪ ڏيان ٿو، ملڪ ۾ بادشاهت جي قيام جا رستا هموار ڪيا پيا وڃن: طاهر قادري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ طاهر القادري چيو آهي ته ملڪ ۾ بادشاهت قائم ڪرڻ جا رستا هموار ڪيا پيا وڃن، دهشتگردي جو ڪلچر پنجاب کان ٿيندو ملڪ جي ٻين حصن ۾ پهتو آهي، ڦڙي ڦڙي سان ملي سمنڊ ٺهيو، عربن جي سمنڊ کي بچائڻ عرب شهزادو ايندو، سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ رهندڙن کي مبارڪ ڏيان ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن خواجه هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي، طاهر قادري آچر جي صبح جو ڪينيڊا مان ڪراچي پهتو ته عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي وڏي انگ ان جي شاندار آجيان ڪئي، طاهر قادري چيو ته ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ آمريت جي صورت ۾ بدترين بادشاهت کي روڪڻو پوندو، ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ پنجاب ملوث آهي، جيستائين پنجاب ۾ آپريشن نه ٿيندو ملڪ ۾ امن نه ٿيندو، ملڪ جون حالتون نازڪ آهن سمورن سياسي پارٽين کي بادشاهت جو رستو روڪڻو پوندو، هن چيو ته ڪراچي، وزيرستان، ڪوئيٽا ۾ به آپريشن ٿيا، پنجاب ۾ آپريشن نه ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ امن نٿو ٿي سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *