تازيون خبرون
عمران خان جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، تيل ٺڪاڻن تي حملي جي مذمت، ڪشمير صورتحال تي ڳالهيون - پنڊي جو موسم تبديل ٿي رهيو آهي، حڪران ڀلي شوق پورا ڪن: آصف علي زرداري - ميڊيا کي ذميوار ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪو به قانون زبردستي مڙهيو نه ويندو: فردوس عاشق - بلديا فيڪٽري سانحو: مالڪن مرڪزي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي سڃاڻي ورتو آهي جڏهن ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا آهن. - تحقيق ۽ تجربن سان ئي علم جي ميدان ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي: صدر عارف علوي - مدرسا اسڪول سميت تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين: چيف جسٽس - ڪتي جي ڏاڙهڻ سان ٻارڙي جي موت تي ڏک جو اظهار، فوتي ٻارڙي تي سياسي ڪئپنگ ڪئي ويئي: بلاول ڀٽو زرداري - سي پي اين اي پاران سڀني ڌرين سان گڏجي ميڊيا ٽربيونلن خلاف جدوجهد جو اعلان - حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: خواجه آصف - ٿر جي معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

سري لنڪن بورڊ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪندڙ رانديگرن خلاف ايڪشن کڻي ورتو

 

ڪولمبو:(اسپورٽس نيوز) سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪندڙ رانديگرن جي خلاف ايڪشن کڻي ورتو.ذريعن موجب سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي انڪار کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته نيشنل ڊيوٽي کان انڪار ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي خلاف ورزي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون 27 سيپٽمبر کان 9 آڪٽوبر جي وچ ۾ پاڪستان ۾ 3 هڪ ڏينهن وارا ميچ ۽ 3 ٽي 20 ميچون کيڏندا. سريلنڪا جي ٽيم 25 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندي جتي 27 سيپٽمبر، 29 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي 3 هڪ ڏينهن وارا ميچ کيڏيا ويندا.سريلنڪا جي 10 سينئر رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ جي ڪپتان ديموتهه ڪرونارتني، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان لسيتهه ملنگا ۽ اڳوڻو ڪپتان انجيلو ميتهيوز به شامل آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *