تازيون خبرون

زرعي پيڪيج: هارين کا ڇا پلئه پوندو:ڊاڪٽر لال خان

زرعي پيڪيج تي ڏاڍو شورُ آهي، پروپيگنڊه جي يلغار آهي. ظاهري طور هن پيڪيج کي هارين جي احتجاج جي جواب ۾ نواز ليگ جي حڪومت طرفان هارين جون گهرون پوريون ڪرڻ ۽ انهن لاءِ همدرديءَ جو اظهار بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي. پروجيڪٽ ۽ پيڪيجن جو هڪ ڊگهو سلسلو شريف برادران مسلسل جاري رکيو آهي. شعبا سندن  پسند جا آهن ۽ انهن منجھان گهڻو ڪري فائدو حاصل ڪندڙ وچولي طبقي جا ڪجهه حصا ان جا ئي سياسي حمايتي سمجھيا وڃن ٿا.

ٻئي طرف مالياتي سيڙپ جي هن سياست ۾ نالي ماتر ” مخالف ڌر جي جماعتن“ پنهنجي سياسي ساک ۾ بهتري ۽ گهڻي ڀائيواريءَ لاءِ تنقيدي مهم هلائي آهي. پيپلزپارٽيءَ کان ويندي تحريڪ انصاف تائين، هن نام نهاد مخالف ڌر وڌ ۾ وڌ ”سياسي دانشمنديءَ جي بنياد تي“جيڪو دليل پيش ڪيو آهي، سو هي آهي ته مڪاني چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ هن پيڪيج جي 341 ارب رپين کي جائز ناجائز طريقي سان استعمال ڪيو ويندو. اهو دليل ڪنهن حد تائين درست به آهي،

پر الميو هي آهي ته هن زرعي پيڪيج تي سياسي جماعتن وچ ۾ بحث ۽ ڇڪتاڻ منجھان ثابت ٿئي ٿو ته سياسي اشرافيه هن ملڪ جي وڏي آباديءَ جي ڪيفيت ۽ اذيتناڪ مسئلن  ۽ ان جي درست تشخيص بابت ڪيترا لاعلم ۽ اڻ ڄاڻ آهن. اها صورتحال ان حقيقت کي به واضح ڪري ٿي ته  جڏهن سياست نظرين کان خالي ٿي وڃي. ته سماجي ۽ معاشي تجزيا نگاريءَ جي اهليت ئي دمُ ٽوڙي يندي آهي.

اڄ جا حڪمران ۽ انهن جا دانشور بلڪل بي خبر معلوم ٿين ٿا ته عوام ڪهڙن طبقن ۾ ورهايل ۽ جڪڙيل آهي.سماجي طور ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ ڪهڙيو تبدليون رونما ٿي رهيون آهن ۽ز رعي مسئلي سميت ٻين سماجي مسئلن جي شڪل ڪهڙي طرح تبديل ٿي چُڪي آهي.

بيماريءَ ۾ ڪهڙيون پيچيدگيون پيدا ٿي پيون آهن، جڏهن اها ئي خبر نه هجي ته مرض جي اصل تشخيص ۽ پوءِ ان جو علاج ڪيئن  ٿي سگهندو؟ سڀ کان پهريون ته لفظ ”هاري“ جو ئي جائزو وٺون.هڪ ايڪڙ زمين جو مالڪ به هاري سڏائي ٿو ۽ ڏهه يا ويهه ايڪڙن جو مالڪ به پاڻ کي هاري سڏائڻ پسند ڪري ٿو. ٻه لفظ آهن ڪسان ۽ دهقان فيض صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري دهقان جو لفظ استعمال ڪيو آهي. هڪ ڪميونسٽ هئڻ ناتي هو ان فرق کي ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو.

گذريل چند سالن ۾ جنهن بيهودگي ۽ ظالماڻي انداز ۾ مالياتي سرمائي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ حددخلي ڪئي آهي، ان سان نه رڳو طبقاتي تقسيم ۽ ڏي وٺ جا رشتا به پئسي جي ڪردار سان نه صرف مجروح ٿيا آهن پر نهايت ئي سفاڪ ٿي رهجي ويا آهن،

هتان جي ديرپا ۽ پاروٿي سرمائيداريءَ جي زهر هر شعبي جي رڳ رڳ ۾ اچي پنهنجي پيداواري طور طريقن ۽ ڏي وٺ جي رشتن کي مجروح ۽ مسخ ته ڪيو آهي پر ڪنهن زرعي انقلاب سان زراعت ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ کي عامُ طرح جديد گسَ تي نه ته هلائي  سگهي نه ئي جديد انفرا اسٽرڪچر ۽ سهولتون فراهم ٿي سگهيون، جنهن مان اهڙيون حالتون جنم وٺن، جيڪي ڳوٺاڻي سوچ ۽ نفيسات کي جديد ۽ ترقي پسند بڻائي سگهن ها.

ان جي ابتڙ ان پئسي جي يلغار ايترو ته بگاڙُ پيدا ڪري ڇڏيو آهي جو ڳوٺاڻي علائقي جي سماجي و ثقافتي زندگي تلخ ۽ رجعت جو شڪار ٿي رهجي وئي آهي. پسماندگيءَ جي ان سمنڊ ۾ موبائيل فون کان و يندي جديد اوزا ۽ اليڪٽرانڪس متعارف ته ضرور ٿيا آهن پر انهن جو معيار ايترو سطحي ۽ محدود هو جو ان سان ڳوٺاڻي سماج جا تضاد، لالچ ۽ ”زن، زر، زمين“ وڌيڪ تيزي سان ڀڙڪي زندگيءَ کي مسلسل عذاب بڻائي رهيا آهن.

نواز شريف جي هن پيڪيج مان وري به فائدو ڀاڻَ وغيره جا ڊيلر، وياج خور، منڊين جا بدمعاش ئي حاصل ڪندا، جيڪي مختلف سياسي پارٽين جا عهديدار ۽ ٿاڻن توڙي عدالتن ۾ اثر رسوخ رکندڙ آهن. ٻئي طرف هن زرعي پيڪيج منجھان انهن زرعي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي نفعن ۾ به اضافو ٿيندو، ٽريڪٽر، هارويسٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن کي ٺيڪي تي هلائيندڙ به آمدنيءَ ۾ گهڻي اضافي  سان نوازجي ويندا. جيڪڏهن ڪنهن کي نه هئڻ برابر ڪا هڙ حاصل ٿيندي ته اهو بي زمين يا ننڍو هاري يا اڳوڻو دهقان ۽ هاڻوڪو ڏهاڙي اجرت وارو زمين جو پورهيو ڪندڙ ئي هو ندو. انهن کي خيرات برابر مالي فائدو به شايد ئي ملي سگهي.

زرعي شعبي ۾ هيءَ ناڪامي  بنياد جي طرح ان پاڪستاني سرمائيداريءَ جي برباديءَ جي علامت آهي، جنهن ۾ انفراسٽرڪچر، ڀلي اهو جديد آبپاشيءَ جو هجي يا وري زرعي مشينريءَ جو، پر سرمائيداريءَ لاءِ دولت ۽ وسيلا ئي نه هئا. نه ئي هتان جو نااهل، ڪرپٽ سرمائيدار طبقو گوري جي پوکيل هن جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري سگهيو آهي. جنهن رياست کي ڪارپوريٽ سرمائيدار ڦُڙي لُٽي ڏيوالو ڪڍي چُڪا هجن، ان مان زرعي انقلاب جي توقع فقط  خود فريبي آهي.

پر تاريخ پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن هو بهو ورجائيندي ناهي ته اها ماضيءَ ڏانهن به موٽ ناهي کائيندي. موجوده ڪيفيت ڳوٺن ۾ جنهن غلاظت، لالچ، بيماري، افلاس ۽ ذلت کي جنم ڏنو آهي، تنهن ۾ انسان جو ساههُ گهٽجڻ لڳي ٿو. ڳوٺاڻي زندگي ۾ امن ۽ چين-خوشگوار ماحول ۾ تازي فضا، مخلص رشتا، اصول و عزت سڀ جا سڀ ماضيءَ جي ڪهاڻي بڻجي ويا آهن. پر ان اذيت کي ختم فقط هڪ زرعي انقلاب ذريعي ڪري سگهجي ٿو، جنهن تحت سموري زمين تي، کيتي باڙي جو پورهيو ڪندڙ مزدورن جو جمهوري ڪنٽرول ۽ ملڪيت ۾ ڀائيواري هجي. زمينون ورهائڻ وارو مرحلو ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو،

هاڻي وڏن فارمن تي جديد ترين مشينري ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ڪيئي ڀيرا وڌيڪ پيداوار ٿي سگهي ٿي. اڄ جڏهن اقوامِ متحده ۽ حڪومت جي پنهنجن انگن اکرن موجب پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي غذائي قلت يا نيم قلت جو شڪار آهي ته اهي انگ اکر هن نظام جي منهن تي هڪ چماٽ آهي، هڪ منصوبي تي ٻڌل معيشت ۾ پيداوار ايتري گهڻي، ايتري سستي ۽ ايتري وڏي تعداد ۾ ٿي سگهي ٿي جو بک ۽ افلاس جو خاتمو ٿي سگهي.

پر اهو زرعي انقلاب سرمائيداريءَ ذريعي نه ايندو. هي حڪمران طبقو ان قابل هو نه ئي آهي نه ئي وري ٿي سگهي ٿو. قومي جمهوري انقلاب جي ٻين اڌورن  فرضن وانگر هي زرعي انقلاب وارو فرض به تاريخ ٽين دنيا ۾ سوشلسٽ انقلاب جي فرضن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *