تازيون خبرون

رضا رباني عالمي پارليامينٽري يونين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)  سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ايندڙ هفتي گڏيل قومن جي سربراهي ۾ ٿيندڙ عالمي پارليامينٽري يونين (آئي پي يو) جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ٿيل بيان مطابق چيئرمين سينيٽ هي اعلان آمريڪا طرفان سينيٽ جي ڊپٽي مولانا عبدالغفور حيدري کي پاڪستان جي نمائندگي جي لاءِ ويزا جاري نه ڪرڻ تي ڪيو. هن هدايت ڪئي ته جيستائين آمريڪي حڪومت يا پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفارتخانو ان جا سبب نه ٻڌائيندو تيستائين سينيٽ جو ڪو به وفد آمريڪا جو دورو نه ڪندو.  سينيٽ جو چيئرمين رضا رباني سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفوري حيدري کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ غير ضروري دير جو سختي سان نوٽيس وٺندي پاڪستاني وفد جو آمرڪي دورو رد ڪري ڇڏيو آهي. هنن آمريڪا اختيارن جي وضاحت تائين سينيٽ جا آمريڪا سان سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته جيستائين آمريڪا وضاحت نه ڪندو سينيٽ جو ڪو به اڳواڻ نيويارڪ نه ويندو. ۱۴ فيبروري تائين نيويارڪ ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي پارلياماني بحث ۾ شرڪت جي لاءِ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مولانا عبدالغفوري حيدري ۱۰ فيبروري تي آمريڪا وڃڻو هو. گذريل هفتي مولانا غفور حيدري ۽ سينيٽر صلاح الدين ترمذي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني کي ويزا لاءِ درخواست ڏني هئي. آمريڪي سفارخاني سينيٽر صلاح الدين ترمزي کي ويزا جاري ڪري ڇڏيو هو، پر ڊپٽي چيئرمين کي ويزا ڏيڻ ۾ غير ضروري دير ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي وقت تي آمريڪي ويزا جاري نه ٿيو ته سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني سخت نوٽيس ورتو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيستائين آمريڪا حڪومت وضاحت نه ٿي ڪري سينيٽ جو ڪو به وفد آمريڪا جو دورو نه ڪندو نه ئي آمريڪا مان ڪو وفد پاڪستان ايندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *