تازيون خبرون
حڪومت جي يو آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي، مولانا وزير اعظم جي استعيفيٰ جو شرط رکي ڇڏيو - اهي ماڻهو ضد تي آهن ته آئين ٽوڙيو وڃي، آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه - غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرائيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي: عدالت - موري  ڀرسان بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 35  زخمي - مسلم امت جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحقام جو ضامن آهي: فردوس عاشق اعواڻ - شاهي جوڙي جو چترال پهچڻ تي شاندار استقبال، روايتي ٽوپي پهرائي ويئي - مون کي يقين آهي ته ڌرڻو نه هنيو ويندو، سولائي سان ڌرڻي جي اجازت نه ملندي: شيخ رشيد - پ پ چونڊن دوران ڪيل واعدا پاڙي رهي آهي، صحافين جي جان مال جي تحفط  لاءِ  قانون جوڙي رهيا  آهيون: سعيد غني - حمزه شهباز کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت، ملڪ تي عمران سوچ مڙهيل آهي:مريم اورنگزيب - نيب انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

رابي پيرزاده وزيراعظم تي تنقيد کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڇائنجي وئي

 

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني گلوڪاره  رابي پيرزاده پاران وزيراعظم عمران خان جي احساس پروگرام تحت لنگر اسڪيم تي تنقيد ڪندي هن وزيراعظم کي مشورو ڏنو آهي ته هو ماڻهن کي پني نه پر ڪمائي کائڻ سيکاري.گلوڪاره رابي پيرزاده سوشل ميڊيا تي   ڪافي سرگرم رهندي آهي ۽ پنهنجي روزاني جي روٽين مداحن سان گڏ شيئر  ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومتي معاملن تي به پنهنجي راءِ ڏيندي نظر ايندي آهي ۽ اڪثر حڪومتي ۽ حڪومتي ميمبرن تي تنقيد ڪرڻ کان به نٿي گهٻرائي. تازو ئي رابي پيرزاده وزيراعظم جي احساس پروگرام تحت سيلاني لنگر اسڪيم تي تنقيد  ڪندي چيو آهي ته خان صاحب تمام سٺو ڪم آهي. بکايلن کي ماني کارائڻ، پر جيڪڏهن لنگر تي مفت ۾ مانيون کائڻ جي بجاءِ اوهان هن لنگر جي بجاءِ ماڻهن کي نوڪريون ڏيو ها ته ماڻهو محنت ڪري ڪمائڻ سکن ها.رابي پيرزاده وزيراعظم جي قدم تي تنقيد ڪندي مشورو ڏنو ته وزيراعظم صاحب اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، عوام فقير ناهي عوام ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۾ تمام گهڻي بيروزگاري آهي. رابي پيرزاده جي ان ٽوئٽ تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي پئي وڃي ۽ ماڻهو  سندس ان ڳالهه کان اتفاق ڪري رهيا آهن ته بيروزگاري جو مستقل حل لنگر ورهائڻ ناهي پر روزگار جي فراهمي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *