تازيون خبرون

دهشتگردي جا خدشا موجود هئا، يومِ عاشور تي سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا: وڏو وزير

ڪراچي/ شهيد بينظرآباد/ ميرپورخاص/ حيدرآباد (2 آڪٽوبر 2017ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته محرم الحرام دوران سنڌ ۽ سموري پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا خدشا موجود هئا، پر يوم عاشور تي ڪرچي کان ڪشمور تائين سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يوم عاشور جي موقعي تي سڄو ڏينهن سڪيورٽي معاملن جو پاڻ جائزو ورتو. هن سنڌ جي چئن ڊويزنز ڪراچي، شهيد بينظيرآباد، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جا دورا ڪيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا ۽ ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان سان گڏ سي ايم هائوس ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي جلوس جي روٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي سڪيورٽي جي حوالي سان ضروري هدايتون ڏنيون. ان کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي مکيه ماتمي جلوس واري هنڌ ايم اي جناح روڊ جو دورو ڪيو. ان دوران گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا ۽ ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان پڻ گڏ هئا. نمائش ڀرسان ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بوهري ڪميونٽي جو روحاني پيشوا ڀارت کان هتي ڪراچي آيل آهي تنهن ڪري سڪيورٽيءَ جا وڌيڪ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته رستن جي بندش ڪري عوام کي پيش ايندڙ تڪليف تي معذرت ڪيان ٿو. هن چيو ته خدشن کي ڏسندي سڪيورٽي جا اپاءَ ورتا ويا آهن. انهيءَ بعد وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نواب شاهه (شهيد بينظير آباد)، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وڏي وزير سان صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس پڻ گڏ هئا. نوابشاهه ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محرم الحرام جي جلوسن جي سڪيورٽي جو جائزو ورتو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ شيعا ۽ اهل سنت جا جلوس نڪرندا آهن. شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ ڪل 300 جلوس نڪرندا آهن جن مان 107 حساس قرار ڏنا ويا آهن. پاڪ آرمي کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي جڏهن ته رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن. آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا نواب شاهه ايئرپورٽ تي وڏي وزير کي برينفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس کاتي ۾ نوان ڀرتي ڪيل پوليس اهلڪار محرم الحرام جي سڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن ۽ انهن پوليس اهلڪارن پاڪ آرميءَ کان سکيا حاصل ڪئي آهي ۽ اهي هر قسم جي حالتن جو بخوبي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نواب شاهه ايئرپورٽ کان ميرپورخاص جي ماتمي جلوسن جو جائزو وٺڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ۾ روانو ٿيو. سيد مراد علي شاهه هيلي ڪاپٽر ذريعي ميرپورخاص ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن جو هوائي جائزو ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڪيورٽيءَ جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مان پاڻ انهن مامرن جو جائزو وٺي رهيو آهيان. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جلوس جا منتظمين سڪيورٽي انتظامن تي مطمئن آهن. هن چيو ته اسان جنهن  ماحول ۾ رهي رهيا آهن سڪيورٽي ٿريٽ هر وقت آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خدشن جي ڪري موبائل سروس ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي، موبائل سروس بند ٿيڻ سان ماڻهن کي ڏکيائيون پيش آيون، عوام کي پيش آيل ڏکيائين تي معذرت ڪريان ٿو. هن چيو ته 21 ورهين کانپوءِ بوهري برادري جو روحاني پيشوا هتي آيو آهي، جڏهن منهنجو والد سنڌ جو وڏو وزير هو ته هُو هتي آيو هو. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ 27 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي آيا آهن ۽ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو اچ وڃ هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڀني کي سڪيورٽي فراهم ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪوبه احتساب کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته محرم الحرام دوران سنڌ ۽ سموري پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا خدشا موجود هئا، پر عاشوري ڏهاڙي سڄي سنڌ ۾ سڪيورٽيءَ جا بهترين انتظام ڪيا ويا هئا. وڏي وزير سڪيورٽيءَ جو هوائي جائزو وٺڻ بعد حيدرآباد جو زميني معائنو ڪيو. تلڪ چاڙهيءَ وٽ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته عاشوري ڏهاڙي تي ڪراچي، نوابشاهه، ميرپورخاص کانپوءِ حيدرآباد جو دورو ڪيو آهي. عاشوري ڏهاڙي تي ماتمي جلوس جي انتظامي سڪيورٽي ۽ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. سڪيورٽيءَ جي سٺن انتظامن جو سنڌ حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ سنڌ جي عوام ڏانهن ڪريڊيٽ وڃي ٿو.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اٺ محرم الحرام تي جزوي طور تي موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو پلان جوڙيو هو پر سڪيورٽي خدشن سبب موبائل فون سروس بند ڪئي وئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، ڪوبه احتساب کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي، چاهي آئون هجان يا اوهان. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير امداد پتافي، ڄام خان شورو ۽ آءِ جي پوليس موجود هئا. ان کانپوءِ ڪراچي واپس اچڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻيهر ايم اي جناح روڊ تي ماتمي جلوس جو هوائي جائزو ورتو، ان دوران وڏي وزير کي آءِ جي پوليس ۽ گهرو وزير ان حوالي سان مسلسل آگاهي ڏيندا رهيا. ان بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) جو دورو ڪيو، جتي وڏي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪرايو ويو، جتي وڏي وزير کي سي سي ٽي وي جي ڪوريج مطابق بريف ڪيو ويو. ان دوران آءِ جي آفيس ۾ وڏي وزير جي صدرات ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي اسپيشل برانچ ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير ڪينين يونٽ کي باقائده فنڪشنل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پوليس سهولت سينٽر (Police Facilitation Center) کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ سي ٽي ڊي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير 30 ملين رپيا فنڊ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس ٽريننگ سينٽر بارو جبل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *