تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

دهشتگردن جي چُرپر تي نظر، پاڪ افغان سرحد تي توپون پهچايون ويون، سڪيورٽي سخت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردن جي چُرپر مڪمل روڪڻ جي لاءِ پاڪ افغان سرحد تي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي پاڪ افغان بارڊر تي سڪيورٽي تمام سخت ڪئي وئي آهي، پاڪستان سان لڳندڙ افغانستان جي سرحد تي ڳريون توپون پڻ پهچايون ويون آهن، واڌو آرٽلري به پاڪ افغان سرحد تي موڪلي وئي آهي، ذريعن موجب سڪيورٽي پاڪ افغان سرحد تي چيڪنگ سخت ڪرڻ جي لاءِ وڌائي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغان پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان اسان جي زمين تي گولا باري جو سلسلو بند نه ڪيو ته ان جي خلاف هر امڪاني طاقت جو استعمال ڪندي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *