تازيون خبرون
ٽرمپ سٺو انسان لڳو، عافيه صديقي جي بدلي شڪيل آفريدي جي آزادي ٿي سگهي ٿي: عمران خان - پيپلز پارٽي جو قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان - جج ارشد ملڪ جي وڊيو بابت رپورٽ طلب، هاءِ ڪورٽ ئي نواز شريف کي رليف ڏئي سگهي ٿي: سپريم ڪورٽ - ڪارگل جنگ کان نواز شريف آگاهه نه هو، پاڪستان کي وڏو نقصان پهتو: مشاهد حسين - وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪامياب ملاقات پاڪستان جي ڪاميابي آهي: فردوس عاشق اعواڻ - سنڌ حڪومت ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ۽ ماربل سٽي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - اسپيڪر اسد قيصر سان بي اين پي سربراهه اختر مينگل ملاقات جي ملاقات، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ خاص ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق - نيب جي هدايت تي شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي ناليتي رجسٽرڊ ۽ استعمال هيٺ گاڏيون بلاڪ - ڪراچي۾ هلڪي برسات، ڪي اليڪٽرڪ جا پرزا ڪم ڇڏي ويا، شهر اونداهي ۾ ٻڌي ويو، 27 ۽ 28 جولائي تي تيز برسات جي اڪٿي - مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي واري تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيءُ قتل، سندس ٻه پٽ سخت زخمي

خيبر ايجنسي ۾ آپگهاتي بم حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا، 50 زخمي

خيبر ايجنسي(م.ڊ) خيبر ايجنسيءَ ۾ آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ ٻن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ لائين آفسير سميت 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جڏهن ته هڪ بم کي ناڪاره بڻايو ويو. جمرود واري علائقي ۾ لائين آفيسر تحسين الله جيئن ئي پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس کان ٻاهر نڪتو ته آپگهاتي بمبار سندس گاڏيءَ ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏئي ڇڏيو. ڌماڪي ۾ خاصدار فورس جي ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ لائين آفيسر تحسين الله ۽ 15 کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن،جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. زخمين مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڌماڪي سبب گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي. واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ئي روڊ ڪناري نصب ٿيل هڪ ٻيو بم ناڪاره بڻايو ويو. پوليٽيڪل ايجنٽ شهاب علي شاهه موقعي تي پهچي حالتن جو جائزو ورتو. هن چيو ته دهشتگرد جمرود جي تعلقي آفيس ۾ داخل ٿيڻ چاهين پيا پر سندن ڪوشش ناڪام رهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليٽيڪل ايجنٽ چيو ته ڌماڪو آپگهاتي بم هو ۽ اهو آپريشن ضرب عضب جو ردعمل آهي. شهاب علي شاهه چيو ته دهشتگرد خيبر ايجنسي جي امن کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا پر اها سازش ناڪام بڻائي ويندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *