تازيون خبرون

حڪومت پاران چونڊ سڌارن بابت قانون جو مسودو اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي حڪومت چونڊ سڌارن بابت بل سڀاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊ سڌارن جي ڪميٽي نئون قانون آڻڻ لاءِ جوڙي آهي، ججن کي بحال نه ڪرڻ تي اڳوڻي حڪومت کان ڌار ٿياسين. اسلام آباد ۾ چونڊ سڌارن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو مقصد نئون قانون جوڙڻ آهي. نئين قانون وارو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪرائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته چونڊ سڌارن جي ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي موجود آهي. چونڊ سڌارن لاءِ ڪميٽي جا 70 اجلاس ٿيا. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر  چونڊ سڌارن بابت پنهنجون تجويزون 30 ڏينهن ۾ پيش ڪن. ڪميٽي جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي.  چونڊ قاعدن جو مسودو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪيو آهي. بل 2017ع جو مسودو سڀاڻي سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *