تازيون خبرون

حڪومت جي يو آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي، مولانا وزير اعظم جي استعيفيٰ جو شرط رکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين جي لاءِ راضي ٿي ويو آهي، وزير اعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جي يو آئي سان گڏ سياسي حل جي لاءِ ڳالهيون ۾ ڪوئي مسئلو نه آهي،  عمران خان آزادي مارچ جو سياسي حل ڳولڻ جي ذمه داري وزير دفاع پرويز خٽڪ کي سونپي ڇڏي آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آزادي مارچ جي مسئلي تي پرويز خٽڪ ڪمٽي قائم ڪري ۽ پنهنجي مرضي سان ميمبرن جي چونڊ ڪري، ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ، ملڪي سياسي و معاشي معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي، وزير اعظم ڪور ڪميٽي کي پنهنجي چين، ايارن ۽ سعودي عرب جي دوري تي اعتماد ۾ ورتو. ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ کان اڳ حڪومت سان ڳالهين نه ٿينديون. پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان ملاقات کانپوءِ ساڻس گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم 10 مهينن ۾ جعلي چونڊن جا نتيجا ڏسي ڇڏيا، 4 سئو ادارا کپايا پيا وڃن، هاڻ سڄي قوم جو هڪ ئي آواز آهي ته نيون چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊن کانپوءِ جيڪي به نتيجا اچن، ڪير به کٽي اسان کي قبول هوندو. هن چيو ته حڪومتي ماڻهو غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، حڪومت جا سمورا حربا ناڪام ٿي چڪا آهن، وزيراعظم جي استعيفيٰ کان اڳ حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون، آئين جي حڪمراني ۽ ادارن طرفان حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جي مطالبي تي ٻي راءِ نٿي ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به اداري عوام جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته سمجهيو ويندو ادارا رياست لاءِ نه پر ڪنهن ٻئي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، اسان ادارن سان تڪرار نٿا چاهيون پر ادارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن مارشل لا جي ڪوشش ڪئي وئي ته آزادي جو رُخ انهن ڏانهن موڙيو ويندو. ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، پاڪستان ڏينهون ڏينهن اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن سڀ ادارا اهو پڪو پهه ڪن ته پنهنجي حدن ۾ رهندا ته پاڪستان ٺيڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ کي مذهبي تحريڪ سان جوڙڻ غلط آهي، بنا دير هڪ گول ميز ڪانفرنس گهرائي وڃي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کي آڻڻ منهنجي ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته آئين جي بالادستي لاءِ اسان آزادي مارچ ۾ شامل ٿينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *