تازيون خبرون

حريت اڳواڻن ۽ سرتاج عزيز جي ملاقات تي ڪا به سوديبازي نھ ڪئي ويندي: حڪومت ۽ فوجي قيادت جو فيصلو:

اسلام آباد(بيورو) حڪومت ۽ فوجي قيادت،حريت اڳواڻن ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي ملاقات تي ڪا به سوديبازي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين جي معاملي تي ڪشميري قيادت کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، اهم ويهڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارتهيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف،وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار،ناڻي واري وزير اسحاق ڊار،وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي ملاقات ۽ ڳالهين جي عمل بابت معاملا غور هيٺ آيا. فوجي ۽ سياسي قيادت اتفاق ڪيو ته پاڪستان ڳالهين جي عمل جي حق آهي پر ڀارت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، ڪشميري قيادت سان ملاقات نه ڪرڻ جو ڀارتي مطالبو قبول ناهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ڪشمير سميت ٻطرفا معاملا رڳو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽبو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حريت اڳواڻن سان ڀارت جو رويو افسوسناڪ آهي. نواز شريف چيو ته پاڪستان ڀارت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪشمير مسئلي تي هـُو پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندا. وزيراعظم چيو ته ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي اڳرائي جو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو ويندو. فوجي ۽ سياسي قيادت جي اهم ويهڪ دوران آپريشن ضرب عضب ۽ ملڪي سلامتي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران سڄي ملڪ ۾ بنا فرق جي ڪارروائي ۽ دهشتگردن خلاف ڳجهو آپريشن به تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان جو ايندڙ مرحلو جلد شروع ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *