تازيون خبرون

بلاول قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر اڳواڻ هوندو ۽ آءُ سندس ايڊوائزر هوندس: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر اڳواڻ هوندو. آءُ بلاول ڀٽو زرداير جي ايڊوائزر طور ڪم ڪندس، چار مطالبا اسان جي پارٽي جا نه پر عوام جا آهن. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ماڻهن اڄ تائين پيپلز پارٽي جو ساٿ ناهي ڇڏيو، پيپلز پارٽي جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪيا. پ پ صوبائي خودمختياري، اين ايف سي سميت سڀئي واعدا پورا ڪيا. جنوري ۾ پنجاب ۾ جلسا ۽ عوامي مهم شروع ڪنداسين، ملڪ جو ايڪسپورٽ گهٽ ۽ امپورٽ وڌي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌائينداسين، ڪوشش آهي ته سسٽم عوام جي هٿ ۾ رهي ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ نه وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *