تازيون خبرون

برسبين ٽيسٽ دلچسپ مرحلي ۾ داخل، پنجين ۽ آخري ڏينهن پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 108 رنسون ۽ آسٽريليا کي 2 وڪيٽون گهربل

برسبين (اسپورٽس نيوز) برسبين ٽيسٽ دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، پنجين ۽ آخري ڏينهن پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 108 رنسون ۽ آسٽريليا کي 2 وڪيٽون گهربل آهن، 490 رنسن جي تعقب ۾ پاڪستان جي اسد شفيق جي ناقابل شڪست سينچري جي عيوض 8 وڪيٽن جي نقصان تي 382 رنسون ٺاهيون، اظهر علي 71، يونس خان 68 ۽ محمد عامر 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، اسد شفيق 100 رنسن تائين مزاحمت جاري رکي، مچل اسٽارڪ ۽ جيڪسن برڊ 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، ٻنهي بيٽسمينن ٽئين وڪيٽ ۾ 41 رنسن جو واڌارو ڪري 145 تائين پهچايو، اظهر علي ٽيون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو، جنهن 71 رنسن تي مچل اسٽارڪ جي بال تي ميٿوويڊ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، مصباح الحق گهڻي دير تائين ڄمي نه سگهيو ۽ 5 رنسن تي جيڪسن برڊ جو نشانو بڻجي ويو، 137 جي مجموعي اسڪور جي پاڪستان جي پنجين وڪيٽ به ڪري پئي، جڏهن يونس خان غير ضروري اسٽروڪ کيڏندي ميٿن لائن جي بال تي اسٽيون سمٿ جي هٿا ڪيچ آئوٽ ٿيو، سرفراز احمد پاڪستان جو ڇهون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو، جيڪو 24 رنسون ٺاهي مچل اسٽارڪ هٿان آئوٽ ٿي ويو، ان موقعي تي اسد شفيق ۽ محمد عامر شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 92 رنسن جي شراڪتداري قائم ڪري ٽيم جو اسڪور 312 تائين پهچايو،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *