تازيون خبرون

بجلي بحران 15 سالن لاءِ حل ڪري ڇڏيو، 4 سالن ۾ ڪيل ڪم معجزي کان گهٽ ناهي: وزير اعظم

سيالڪوٽ (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو اهي ته نوازشريف اسان جو ليڊر هو آهي ۽ رهندو عدالتي فيصلا ردي جي ٽوڪري ۾ ويندا اسان هميشه خدمت جي سياست ڪئي آهي ڪنهن کي گاريون نه ڏنيون آهن روزانو پارٽي ۽ ليڊر تبديل ڪندڙ پاڪستان جي خدمت نٿا ڪري سگهن سياست جا فيصلا عدالتن ۾ نه پر پولنگ اسٽيشنن تي ٿيندا آهن 2018 جي چونڊن ۾ پاڪستان جو عوام نوازشريف ۽ (ن) ليگ جي حق ۾ فيصلا ڪندو سومر تي مسلم ليگ (ن) جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته اسان مان ڪوبه وڏ وزارت جو اميدوار نه آهي اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته نوازشريف جنهن تي به هٿ رکي ٿو اهو ئي وزيراعظم هوندو اها ئي جمهوريت جي ڪاميابي آهي اسان کي اميد آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ پاڪستان جو عوام مسلم ليگ (ن) ۽ نوازشريف جي حق ۾ فيصلا ڪندو وزيراعطم چيو ته (ن) ليگ ملڪ جا مسئلا حل ڪيا آهن اسان انهن مشڪلاتن کي حل ڪيو آهي جيڪي پاڪستاني تاريخ ۾ نه حل ڪيون 4 سال اڳ جمعي جي نماز پڙهڻ ويندي وقت به اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي خودڪش حملو نه ٿئي پر اڄ اسان امن سان رهون ٿا ڪراچي جيڪو دنيا جي پنج تشدد وارن شهرن م ليکيو ويندو هو پر اڄ اتي امن آهي پاورز پلانٽس سي اين جي اسٽيشنز ۽ گهرن ۾ گئس نه هئي پر اڄ صورتحال مختلف آهي. جولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون ان ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪندو اسان کي قبول هوندو نواز شريف جو فيصلو عوام قبول ناهي ڪيو عوام ۽ تاريخ ان کي به ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندو اسان کي يقين آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ن) ئي ڪامياب ٿيندي. ٻئي طرف  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪوئي مڃي يا نه مڃي پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي افغانستان ۾ اڍائي لک بيروني فوج آئي ۽ ڪجهه نه ڪري سگهي اسان دهشتگردي کي منهن ڏنو ۽ ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو چئن سالن جي دوران ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي ڪوششن جي پرواهه نه ڪندي حڪومت ترقي جو سفر جاري رکيو لوڊشيڊنگ جي بحران تي ضابطو آندو آهي مستقبل ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت به گهٽ ٿيندي جنهن سان صنعتن زراعت ۽ گهريلو صارفين کي وڌيڪ فائدو ٿيندو سيالڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ اين ايڇ اي 200 ارب رپين جي لاڳت جا منصوبا مڪمل ڪري رهي آهي جنهن سان علائقي جي قسمت سڌري ويندي نندي پور منصوبو بدعنواني جي ڪري دير جو شڪار ٿيو اسان جي حڪومت ان کي مڪمل ڪيو ۽ 425 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بجلي ۽ گئس جي قيمت جا معاملا به طئي ٿي ويندا سومر تي هتي سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي انٽرنيشنل ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪوبه گرين فيلڊ ايئرپورٽ ڪامياب ناهي ٿيو هي پهريون گرين فيلڊ ايئرپورٽ اهي جيڪو ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ ان کي بين الاقوامي ٽرمينل شامل ڪيو ويو آهي جيڪو نه رڳو هن علائقي پر پاڪستان لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو هن چيو ته سيالڪوٽ جي تاجر برادري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن هن منصوبي ۾ سيڙپ ڪئي ۽ ان کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت هن منصوبي ۾ خاص سهڪار ڪيو هن چيو ته فيصل آباد ۾ به تاجر برادري اهڙي قسم جو منصوبو شروع ڪرڻ جي خواهشمند اهي وزيراعطم يقين ڏياريو ته حڪومت ان کي به ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي هن چيو ته سيالڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ اين ايڇ اي 200 ارب رپين جي لاڳت جا منصوبا مڪمل ڪري رهي اهي جنهن سان هن علائقي جي قسمت سنوارنجي ويندي. ماضي ۾ حڪومتون پنجن سالن ۾ صرف منصوبا جوڙينديون رهيون پر عملي ڪم شروع ٿيڻ سان ئي انهن جو مدو ختم ٿي ويندو هو هن چيو ته ننديپور منصوبو 2006 ۾ شروع ٿيو هي بدعنواني جي ڪري دير جو شڪار رهيو پر اسان جي حڪومت ان کي مڪمل ڪيو ۽ ان منصوبا سان 425 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئيآهي اسان توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ۽ مڪمل ڪيا آهن جنهن سان نه صرف اڄ پر ايندڙ 15 سالن لاءِ بجلي جون ضرورتون پوريون ٿينديون هن چيو ته اسان بجلي جي پيداوار وڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي پيداواري قيمت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته هاڻي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ۾ بجلي جو سخت بحران هو صنعتي ۽ گهريلو صارفين کي بجلي نه ملي رهي هئي پر هي اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ويزن آهي جنهن جا هي هاڪاري نتيجا ملي رهيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خان عباسي سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي انٽرنيشنل ٽرمينل جو افتتاح ڪرڻ پهتو ته خواجه آصف سندس آجيان ڪئي وزيراعظم سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل ٽرمينل جو افتتاح ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *