تازيون خبرون
بي نامي ملڪيتون ضبط ڪري غريب کي ڏينداسين، ڪجهه به ڪيو احتساب ٿي ئي رهندو: وزير اعظم - دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف - ڳالهين لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر نواز شريف ۽ مان تيار ناهيون: مريم نواز - سينيٽ چيئرمين خلاف رٿ، مخالف ڌر طرفان 60 سينيٽرن جي حمايت جي دعويٰ - عمران خان ۽ ملالا يوسفزئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدا شخصيتن ۾ شامل - انصاف تي ٻڌل معاشر جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - ملڪ ۾ ادارا آزاد آهن، پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن: فردوس عاشق - فردوس شميم ادارن جو ترجمان نه بڻجي، وعدي موجب نرسن جي مطالبن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو: مرتضيٰ وهاب - شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ 13 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي، هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي: عباسي - پرامن ڪارڪنن جون گرفتاريون عمران نيازي جي خوف ۾ مبتلا هجڻ جي علامت آهي: شهباز شريف

باني پاڪستان جو جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، توپن جي سلامي سان ڏينهن جي شروعات

اسلام آباد/ڪراچي(م.ڊ) باني پاڪستان باباءِ قوم قائد  اعظم محمد علي جناح جي پيدائش جو ڏينهن اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب، پاڪستان آرمي جي ڪيڊٽس گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. قائد  اعظم محمد علي جناح رح جي 140 هين يوم پيدائش جي سلسلي ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن ۽ سياسي پارٽين جي انتظام هيٺ باوقار تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسز، مذاڪرا ۽ مباحثا منعقد ڪيا ويا، صبح سويري وفاقي ۽ صوبائي گادي واري شهرن ۾ ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ٿي، نماز فجر کانپوءِ قوم جي درجن جي بلندي، ملڪ جي بقا ۽ سلامتي ۽ امن ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. قائد جي ڏينهن جي مناسبت سان سڀني کان اهم تقريب ڪراچي ۾ مزار قائد تي ٿي، جتي مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي باوقار تقريب منعقد ٿي، تقريب جو مهمان خاص ڪمانڊنٽ پي ايم اي ڪاڪول ميجر جنرل عبدالله ڊوگر هو، تقريب ۾ گارڊز جا فرض پي ايم اي ڪاڪول جي ڪيڊٽس کي ڏنا ويا.صدر ممنون حسين چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان سندس رستي تي عمل ڪيون. صدر ممنون حسين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آئون سمجهان ٿو ته قائد اعظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان جي فڪر ۽ تعليم تي سچي دل سان عمل ڪري پنهنجي صلاحيتن کي پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ وقف ڪيون. عزت نفس ۽ نظرياتي اساس تي ثابت قدمي سان ڄمي رهڻ  سندس جي شخصيت جو نمايان رخ هو، امانت ۽ ديانت ان جي ذاتي ڪردار کي فخر جوڳو بڻايو. وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته سڄي قوم الله تعاليٰ جي ٿورائتي آهي ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ عظيم قائد سان نوازيو جنهن اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو،  قائد اعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان سندس تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ جو عزم ڪيون. قائد اعظم محمد علي جناح جي 140هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾  وزير اعظم نواز شريف چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح دنيا جي نقشي تي هڪ  خودمختيار رياست کي قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد ۾ ڇڙوڇڙ مسلمان کي هڪ جهنڊي هيٺان جمع ڪيو، پنهنجي مثالي ڪردا ۽ قائداڻي صلاحيتن تحت قائد اعظم  اڄ به اسان جي لاءِ اڳواڻي جو ذريعو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *