تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

بارڊر مئنيجمينٽ لاءِ افغانستان جي تعاون جي ضرورت آهي: پاڪستان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي خصوصي نمائندي افغانستان تادا مڇي ياما موتو وزيراعظم جي معاون خاص طارق فاطمي سان ملاقات ڪئي، ان دوران افغانستان جي صورتحال ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڪوششن تي غور ڪيو ويو، افغانستان ۾ امن جي قيام واري پاڪستاني خواهش تي زور ڀريندي هن چيو ته پاڪستان افغانستان حڪومت سان مضبوط رابطا قائم ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن، طارق فاطمي موثر بارڊر مئنيجمينٽ جي پاڪستاني عزم ڪندي چيو ته ان سلسلي ۾ افغانستان پاران تعاون جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو، هن وزيراعظم جي معاون کي گڏيل قومن پاران افغانستان ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ڪيل مختلف سرگرمين کان به آگاهه ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *