تازيون خبرون

اڳتي وڌڻ لاءِ جمهوري عمل ئي بهترين آپشن آهي: وزير اعظم

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ جمهوري عمل ئي بهترين آپشن آهي. ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو ته پنهنجو پنهنجو مدو پورو ڪندي. سندس اهو به چوڻ هو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ فيصلو عوام ئي ڪندو. وزير اعظم چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ جمهوري نظام ئي بهترين آپشن آهي جڏهن ته موجوده حڪومت بجلي ۽ گيس جي بحران تي ضابطو آندو آهيشاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري حڪومت جي مثبت پاليسين تي اعتماد جو مظهر آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، مستحڪم حڪومتي پاليسي ۾ تلسلس جا نتيجا اچي رهيا آهن، هونڊائي ۽ نشاط گروپ جي سيڙپڪاري تي انهن جا ٿورائتا آهيون، ترقي لاءِ جمهوري نظام بهترين آپشن آهي، موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، وزيراعظم اها ڳالهه اربع تي هونڊائي ڪار جي پيڙهه جي پٿر کي خطاب ڪندي ڪئي، ان موقعي تي پرويز ملڪ، عابد شير علي، طلال چوڌري، پارلياماني ميمبر، مشهور صنعتڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون به موجود هيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ خانگائڻ واري پاليسي خاص ڪامياب ٿي رهي آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ، ان ڏس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ خانگائڻ وارو عمل شروع ڪيو، اڄ هر ڪو ان جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسين ۾ عدم تسلسل جي ڪري مسئلا وڌيا پر هاڻ پاليسين جي استحڪام ۽ تلسلس جي نتيجي ۾ ڪاميابيون ماڻي رهيا آهن، مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپ وڌي رهي آهي، هي اهو اصل پاڪستان آهي جتي سيڙپڪار اچي رهيا آهن، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار حڪومت پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *