تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

ايوان اندر پي ٽي آءِ خلاف جملي بازي افسوسناڪ آهي، اسيمبلي کي جعلي چوڻ عمران خان جو ٻٽو معيار آهي:خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي موجودگي ۾ ايوان اندر پي ٽي آءِ خلاف جملي بازي افسوسناڪ آهي جڏهن ته پارليامينٽ ۾ اچي اسيمبلي کي جعلي چوڻ عمران خان جو ٻٽو معيار آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ احسن انداز ۾ هلائڻي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ تحريڪ انصاف خلاف ڳالهايو ويو پر پارليامينٽ ۾ اچي اسيمبلي کي جعلي چوڻ عمران خان جو به ٻٽو معيار آهي. خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي هاڻي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن، هـُو چاهين ٿا ته نظام هلندو رهي نه ته جمهوريت  هٿن مان نڪري ويندي. اپوزيشن ليڊر چيو ته سندن اتحاد ۾ تحريڪ انصاف جون مخالف جماعتون آهن ان لاءِ پي ٽي آءِ کي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ناهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *