تازيون خبرون

اليڪشن ڪميشن جو اجلاس، ملڪ جون سموريون روينيو بائونڊريز سيل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نين تڪبندين جو ڪم 15 جنوري کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نين تڪبندين جي حوالي سان ڪم 3 مئي 2018 تي مڪمل ٿيندو، چونڊن واري لسٽن تي نظرثاني جو ڪم 30 اپريل کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو، جمعي تي اليڪشن ڪميشن ۾ اعليٰ سطحي اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اليڪشن ڪيمشن جي چئني ميمبر، چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرز، چارئي چيف سيڪريٽري، چيئرمين نادرا، سيڪريٽري شماريات ڊويزن سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نين تڪبندين تي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪيمشن بابر يعقوب فتح محمد ٻڌايو ته اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو جيڪو عام چونڊن جي تيارين جي پهرين ڪڙي هو، اليڪشن جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان اڃا نٿا ڪري سگهون، اليڪشن ڪميشن اڄ کان سڄي ملڪ ۾ روينيو بائونڊريز منجمند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 2018 جي عام چونڊن تائين ان ۾ تبديلي نه ٿي سگهندي، هن چيو ته آدمشماري جي عبوري رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي فراهم نه ڪئي وئي آهي، شماريات جي سيڪريٽري ٻڌايو ته پاڪستان جي صدر اڃاتائين آئيني ترميم تي صحيح نه ڪئي آهي، صدر جي صحيح سان بل ايڪٽ بڻجندو ته آدمشماري جا عبوري نتيجا ملندا، قانون تحت اسان ساڍن 3 مهينن ۾ تڪبنديون مڪمل ڪري وٺنداسين، اليڪشن ڪميشن 5 ڪميٽيون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، تڪبندين جي پروپوزل لاءِ 45 ڏينهن رکيا آهن، 3 صوبائي حڪومتن ۽ شماريات کاتي کي 10 جنوري تائين نقشا ۽ ٻيو مواد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، مئي 2018 تائين تڪبندين بابت ڪارروائي مڪمل ڪري وٺنداسين، جيڪڏهن نقشا ۽ ٻيو مواد جلد فراهم ڪيو ويو ته تڪبنديون جلد ٿي وينديون، هن چيو ته چونڊن جي لسٽ تي نظرثاني لاءِ گهربل عملي لاءِ ايندڙ هفتي ٻڌايو ويندو، 15 لک نوان ووٽ داخل ڪرڻ جو عمل به شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪميرا لڳايا ويندا، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ هڪ اهم فيصلو اهو به ڪيو ويو آهي ته 22 ڊسمبر کانپوءِ ضلعه، تعقله، يوسي جي حد ۾ ڪا تبديلي نه ٿي سگهندي، هن ٻڌايو ته اجلاس دوران نوان ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کان مدد طلب ڪئي وئي آهي. قانون موجب اسيمبلي جو مدو ختم ٿيندي ئي چونڊن جي تاريخ لاءِ سمري صدر ڏي موڪلي ويندي، هن ٻڌايو ته هلندڙ سال اليڪشن ڪميشن کي چونڊ تيارين لاءِ 13 ارب گهربل هوندا، جڏهن ته ايندڙ سال لاءِ 8 ارب رپين جي ضرورت پوندي، اهي پيسا شيڊول موجب ملي رهيا آهن، پيسن جي کوٽ نه آهي، هن ٻڌايو ته جنوري جي پهرين هفتي ۾ چونڊن جي لسٽن تي نظرثاني جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *