تازيون خبرون

الزامن بدران سٺن قدمن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، تڪرار جي پرامن حل سان تعاون کي هٿي ملندي: پاڪستان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي اڳرائي باوجود هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پراڻي امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اطهار آهي، افغانستان جي مسئلي جو فوجي حل نه آهي، اهو مسئلو افغان عوام جي خواهشن موجب ڳالهين

ذريعي حل ڪيو وڃي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن لاءِ افغان عوام سان گڏ آهي، سارڪ سربراهه ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ علائقائي تعاون جي ڪوششن لاءِ نقصان آهي، آچر تي افغانستان ۾ امن ۽ ترقي جي حوالي سان ڇهين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت اسان لاءِ اعزاز آهي، ڇڪتاڻ باوجود شرڪت خطي ۽ افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي، افغانستان کي سڌو سنئون پاڪستان واپاري سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان گذريل 3 ڏهاڪن کان لکين مهاجرن جي مهمانواز ڪئي آهي، گڏيل قومن سان گڏجي افغان مهاجرن جي باعزت واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، افغان مهاجرن جي رضاڪاراڻي وطن واپسي جي عمل کي 31 ڊسمبر 2017 تائين وڌائي سگهجي ٿو، افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن لاءِ افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي، هن چيو ته علاقائي رابطو معاشي ترقي ۾ واڌ وج بنياد آهي،سياسي مضبوطي ۽ معاشي ترقي علائقي جي استحڪام سان جڙيل آهي، افغانستان ۾ امن اسان جي گڏيل ضرورت آهي، هن چيو ته الزامن بدران اسان کي سٺن قدمن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، دهشتگردي ۾ انساني جانين جي نقصان کي روڪڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تڪرار جي پرامن حل سان علائقي جي تعاون کي هٿي ملندي، هن چيو ته ستين هارٽ آف ايشِيا ڪانفرنس جو آئيذر بائيجان ۾ انقاد سٺي ڳالهه آهي، هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جو فورم افغانستان ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو اهي، پاڪستان استمبول ڳالهين واري عمل کي اهمت ڏئي ٿو، هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان هارٽ آف ايشيا جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ اسٽيڪ هولڊرز طرفان هن وقت تائين ڪيل ڪوششن کي با مقصد بڻائڻ جي ضرورت تي ڀريو، هن چيو ته افعانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال تمام ڏکي آهي، هن چيو ته ڪنهن هڪ ملڪ کي وڌندڙ ڇڪتاڻ جو الزام مڙهڻ تمام سولو آهي، نيڪ نيتي سان مقصدن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغان حڪومت ۽ حذب اسلامي افغانستان ۾ ٿيندڙ امن معاهدو ۽ عملدرآمد وڌيڪ مزاحمت ڪندڙ گروپن سان گڏجي ڳالهين لاءِ رول ماڊل هوندو، هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردي ۽ تشدد جهڙن نتيجن ۾ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موثر ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، هن چيو ته افغان حڪومت  ۽ طالبان ۾ امن ڳالهين جي عمل جا سٺا نتيجا نه نڪتا آهن، هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جي تعاون جي تنظيم سارڪ جي اسلام آباد ۾ طئه ٿيل سربراهه اجلاس جي ملتوي ٿيڻ سان تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان سان علائقي جي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ ان جي اهميت بابت ڪوششن کي نقصان ٿيو آهي، پرڏيهي صلاحڪار ٻن ڏينهن واري هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڇنڇر تي ڀارت ۾ پهتل آهي، جيڪو افغانستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪ ۾ علائقائي تعاون ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *