تازيون خبرون
عمران خان جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، تيل ٺڪاڻن تي حملي جي مذمت، ڪشمير صورتحال تي ڳالهيون - پنڊي جو موسم تبديل ٿي رهيو آهي، حڪران ڀلي شوق پورا ڪن: آصف علي زرداري - ميڊيا کي ذميوار ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪو به قانون زبردستي مڙهيو نه ويندو: فردوس عاشق - بلديا فيڪٽري سانحو: مالڪن مرڪزي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي سڃاڻي ورتو آهي جڏهن ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا آهن. - تحقيق ۽ تجربن سان ئي علم جي ميدان ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي: صدر عارف علوي - مدرسا اسڪول سميت تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين: چيف جسٽس - ڪتي جي ڏاڙهڻ سان ٻارڙي جي موت تي ڏک جو اظهار، فوتي ٻارڙي تي سياسي ڪئپنگ ڪئي ويئي: بلاول ڀٽو زرداري - سي پي اين اي پاران سڀني ڌرين سان گڏجي ميڊيا ٽربيونلن خلاف جدوجهد جو اعلان - حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: خواجه آصف - ٿر جي معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

افغان قيادت دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سهڪار ڪري: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) پاڪستان، چار سده ۾ باچا خان يونيورسٽيءَ تي حملي ۾ افغانستان جي ڌرتي استعمال ٿيڻ جا ثبوت افغان اختيارين کي ڏئي ڇڏيا. چيف آف آرمي جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته افغان قيادت دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سهڪار ڪري. چيف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف افغان صدر اشرف غني، چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، جنرل راحيل شريف چارسده ۾ يونيورسٽي ۾ حملي بابت افغان صدر،چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر سان معلومات شيئر ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل راحيل شريف مٿن واضع ڪيو ته چارسده حملي ۾ افغان ڌرتي استعمال ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن.جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته چار سده ۾ حملي کي  افغانستان مان هڪ جاءِ تان ڪنٽرول ڪيو ويو. هن چيو ته دهشتگردن وٽان افغانستان جون موبائل فون سمون هٿ آيون آهن. جنرل راحيل شريف چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جو هڪ اڳواڻ دهشتگردن کي موبائل فون ذريعي مسلسل هدايتون ڏئي رهيو هو. هن افغان قيادت تي زور ڀريو ته اها دهشتگردن کي ڳولڻ ۽ نشانو بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪري. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيو جنهن ۾ ڊي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر سميت پرنسپل اسٽاف آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ باچا خان يونيورسٽي سانحي تي غور ويچار ڪيو ويو. سانحي ۾ ملوث عناصر بابت سمورين شاهدين ۽ ڄاڻ بابت به آرمي چيف کي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب پاڪستان حملي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جو معاملو سفارتي ۽ فوجي سطح تي اٿاريندو ان حوالي سان پرڏيهي آفيس کي به ڄاڻ ڏني وئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *