تازيون خبرون

اسٽيل ملز جي پيداوار ڏيڍ سال کان بند، مختلف ادارن جو 178 ارب رپيا قرض چڙهي ويو

ڪراچي/اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان اسٽيل ملز مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي، ڏيڍ سال کان پيداوار بند هجڻ سبب اسٽيل ملز حڪومت ۽ مختلف ادارن جي 178 ارب رپين جي قرضي  ٿي وئي آهي. وفاقي سرڪار جي دستاويزن موجب اسٽيل ملز تي وفاقي حڪومت جو 40 ارب رپيا قرض آهي جڏهن ته ملازمن جي ادائگين جا 50 ارب رپيا چڙهي ويا آهن. سرڪاري دستاويزن موجب اسٽيل ملز ڏانهن گيس بلن جي مد ۾  19 ارب رپيا رهيل آهن. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي 42 ڪروڙ رپين جي قرضي ٿي وئي آهي. دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز ڪا به پيداوار نه ڏئي ڏئي، ڏيڍ سال کان اسٽيل ملز جي پيداوار مڪمل طور بند آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *