تازيون خبرون
ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو: وڏو وزير - ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي پنهنجي ساک جو جائزو وٺڻ گهرجي: فردوس عاشق اعواڻ - جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟: اسپيڪر جو نوٽيس - نظام الائي ڪيئن پيا هلائين، خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟: چيف جسٽس - حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي: وزيراعظم - حڪومت سڪندر سلطان راجا کي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري - آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي - آرمي چيف اليڪٽرانڪ وارفيئر اينڊ گرائونڊ سرويلينس ريڊار ليبارٽريز جو افتتاح ڪري ڇڏيو - ڪراچي پوش علائقي مان ٽن گڏهن جون منڍيپن ۽ اوجهه هٿ، گوشت ڪيڏانهن ويو پوليس پريشان - آئي جي سنڌ حڪومت سان تعاون نٿو ڪري، اڳ ڪڏهن وفاقي ڪابينا ڪنهن آئي جي جي مقرري جي منظوري ناهي ڏني: سعيد غني

اسلام ڪوٽ: مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي، واٽھڙو فوت، 3 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)ڇاڇرو کان ڪراچي ويندڙ اي سي مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي هڪ واٽھڙو فوت ٽي عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڇاڇرو کان ڪراچي ويندڙ ڍاڻي ٽرانسپورٽ ڪمپني جي اي سي مسافر ڪوچ موڙاسيو ڳوٺ ويجهو روشن جي ڍاڻي وٽ اچانڪ اڳيان موٽر سائيڪل اچڻ تي موٽر سائيڪل کي بچائيندي گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول ۾ نڪرڻ سبب بس هڪ واٽاڙو مٿي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 50 سالن جو عالم ولد روشن سميجو چپاٽجي سرزمين تي فوت ٿي ويو جڏهن تي بس ۾ سوار ٽي عورتن سميت 7 مسافر زخمي ٿي پيا جنهن کي ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *