تازيون خبرون
حڪومت جي يو آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي، مولانا وزير اعظم جي استعيفيٰ جو شرط رکي ڇڏيو - اهي ماڻهو ضد تي آهن ته آئين ٽوڙيو وڃي، آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه - غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرائيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي: عدالت - موري  ڀرسان بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 35  زخمي - مسلم امت جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحقام جو ضامن آهي: فردوس عاشق اعواڻ - شاهي جوڙي جو چترال پهچڻ تي شاندار استقبال، روايتي ٽوپي پهرائي ويئي - مون کي يقين آهي ته ڌرڻو نه هنيو ويندو، سولائي سان ڌرڻي جي اجازت نه ملندي: شيخ رشيد - پ پ چونڊن دوران ڪيل واعدا پاڙي رهي آهي، صحافين جي جان مال جي تحفط  لاءِ  قانون جوڙي رهيا  آهيون: سعيد غني - حمزه شهباز کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت، ملڪ تي عمران سوچ مڙهيل آهي:مريم اورنگزيب - نيب انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي چانس ڏئي مصباح غلطي ناهي ڪئي: وسيم اڪرم

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قائم ڪيل ڪرڪيٽر ڪميٽي جي ميمبر وسيم اڪرم هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق جي حمايت ۾ ڳالهائي ويٺو. سريلنڪا پاڪستان کي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، ان سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي شوقينن سان گڏوگڏ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي پڻ حيران ڪيو آهي.قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد جي ڊگهي عرصي کانپوءِ واپسي ٿي آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر ٻئي بيٽسمين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا.عمر اڪمل ٻنهي ميچن۾ بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ احمد شهزاد به ڪا وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو، سندن خراب ڪارڪردگي تي ڪرڪيٽ شوقينن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ته اتي ئي مصباح الحق کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.جڏهن ته هاڻ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم ٻنهي رانديگرن کي موقعو ڏيڻ تي چيف سليڪٽر ۽ هيڊڪوچ مصباح الحق جي حمايت ۾ ڳالهائي ويٺو آهي. هن جو چوڻ هو ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي چانس ڏئي مصباح ڪا غلطي نه ڪئي، ٽاپ رينڪ ٿي 10 اهم رانديگرن کان محروم ٽيم کان هارائڻ حيرت جوڳو آهي.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سريلنڪا کان ٽي ٽوئنٽي سيريز هارائڻ جو سڀني کي ڏک آهي پر مصباح الحق هاڻ آيو آهي ۽ ٽيم ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ ڪوبه حرج ناهي، کيس پورو موقعو ڏيڻ گهرجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *