تازيون خبرون

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي اهم اڳواڻن جي صلاح مشوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، پ پ پنجاب جي اڳواڻن ٻنهي اڳواڻن کي مشورو ڏنو هو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جي حوالي سان وزيراعظم جي خلاف اهم ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ فائديمند نه ٿيندو، جڏهن ته پ پ جي قيادت پاران حڪومت جي خلاف اعلان ڪيل احتجاجي تحريڪ به اڃاتائين شروع نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ پاناما ڪيس ٻڌايو پيو وڃي، پ پ جا حلقا سمجهن ٿا ته حڪومت جي خلاف ڪنهن به تحريڪ کي شروع ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ وڌيڪ مناسب هوندو، عدالت جيڪڏهن نواز شريف جي خلاف فيصلو ٻڌائي ٿي ته پوءِ ڪنهن احتجاج جي ضرورت نه پوندي ۽ جيڪڏهن فيصلو وزيراعظم جي حق ۾ اچي ٿو ته سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ اپوزيشن جي وڌيڪ پارٽين سان صلاح کانپوءِ مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو ويندو، پ پ قيادت بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي جي موقعي تي حڪومت جي خلاف احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ ۽ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي ضمني چونڊن ذريعي قومي اسيمبلي جو حصو بڻجڻ واري پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ جو پيغام ڏنو، پارٽي قيادت مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي سمورن اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته آدمشماري جي عمل ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته عوام ڀرپور طريقي سان ان عمل ۾ حصو وٺي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *