تازيون خبرون
حڪومت جي يو آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي، مولانا وزير اعظم جي استعيفيٰ جو شرط رکي ڇڏيو - اهي ماڻهو ضد تي آهن ته آئين ٽوڙيو وڃي، آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه - غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرائيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي: عدالت - موري  ڀرسان بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 35  زخمي - مسلم امت جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحقام جو ضامن آهي: فردوس عاشق اعواڻ - شاهي جوڙي جو چترال پهچڻ تي شاندار استقبال، روايتي ٽوپي پهرائي ويئي - مون کي يقين آهي ته ڌرڻو نه هنيو ويندو، سولائي سان ڌرڻي جي اجازت نه ملندي: شيخ رشيد - پ پ چونڊن دوران ڪيل واعدا پاڙي رهي آهي، صحافين جي جان مال جي تحفط  لاءِ  قانون جوڙي رهيا  آهيون: سعيد غني - حمزه شهباز کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت، ملڪ تي عمران سوچ مڙهيل آهي:مريم اورنگزيب - نيب انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

 

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا 2022 ۾ پاڪستان  جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جو مثبت اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.  پاڪستان جو دورو ڪندڙ چيف ايگزيڪٽو ڪيون رابرٽس سڊني پهچڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي واريون حالتون اطمينان جوڳيون آهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. 2022 ۾ ٽيم موڪلي سگهون ٿا. پر ان حوالي سان تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.  هن دوري جو مقصد شين کي ڏسڻ سان گڏ سموري صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ هو. ان دوري سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏ لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.ڪيون رابرٽس چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي چاهيون ٿا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سمورن معاملن جو جائزو وٺڻ بنا ئي پنهنجي ٽيم موڪليون. آهسته آهسته شين تي نظر رکي رهيا آهيون. ان دوري جي  حوالي سان اسان واٽ اڃان ڪافي گهڻو ٽائيم آهي. رانديگرن ۽ سپورٽنگ اسٽاف جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. دوري کان اڳ يقيني طور تي سيڪيورٽي ماهرن جي رپورٽ به آڏو رکي ويندي.فيبروري 2022 ۾ آسٽريليا جي ٽيم 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي لاءِ پاڪستان جي مهمان بڻجندي. ڪيون رابرٽس جي هڪ ڏينهن واري اسلام آباد جي دوري ۾ سيڪيورٽي ماهر شان ڪيرل به ان سان گڏ هو. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ آسٽريلوي عهديدارن جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *