تازيون خبرون

28 سالن بعد ٿيندڙ آدمشماري وري ملتوي

هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪل 5 آدمشماريون ٿي چڪيون آهن، ۽ آخري آدمشماري 1988 ع ۾ ٿي هئي، آدمشماري جيئن ته هر ڏهين سال ڪرائڻ آئيني گهرج آهي، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ائين ٿيڻ ممڪن ناهي رهيو، اهو ئي سبب آهي جو جيڪا آدمشماري 2008 ع ۾ ۾ ٿيڻي هئي، سا ڏهن بدران سترهن سال دير سان يعني هلندڙ مهيني رٿيل هئي، جيڪا به ملتوي ٿي وئي آهي، جنهن کي قطعي طور سٺو سنوڻ، چڱو ڪم يا  عمل نه ٿو سڏي سگهجي. هتي آدمشماريءَ بابت سنڌ جو پختو ۽ اثرائتو موقف هو ته آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿيڻ گهرجي، پوءِ ڀلي اها مرحليواري ٿي ڇو نه ڪرائي وڃي، بلوچستان جو موقف سنڌ جي موقف جي بلڪل ابتڙ هو، بلوچ قومپرستن جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ڌرتي جي يلغار سبب ڌرتي ڌڻين يعني بلوچن جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو آهي، تنهن ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري ڪرائي وڃي ۽ انهيءَ لاءِ  آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي، سوچئي سگهجي ٿو ته آدمشماري ملتوي ٿيڻ ڪري هڪ حوالي سان بلوچستان جي قومپرست ڌرين جو مطالبو ڄڻ پورو ٿيو آهي. جيتريقدر سنڌ جو تعلق آهي ته ڌاري آبادي بلوچستان کان به وڌيڪ سنڌ لاءِ سنجيدهه مسئلو آهي، ڇو ته ننڍي کنڊي جي ورهاڱي کان وٺي هڪ رٿا بنديءَ تحت سنڌ خاص ڪري سنڌ جي راڄداڻي ڪراچيءَ کي وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جو  آماجگاهه بڻايو ويو، بهاري، برمي، بنگالي، افغاني مطلب ته لکين ڌاريا اڄ به غير قانوني طور هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ کانئن ڪير پڇڻ لاءِ تيار ناهي ته هو ڇو ۽ ڪيئن آيا؟ نه وري سندن خلاف اهڙي ڪا ڪارروائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن تحت کين واپس موڪليون وڃي رهيو هجي نه رڳو ايترو ملڪ جي ٻين صوبن جي ماڻهن جو رُخُ ٻه رزقَ، روزگار سانگي سنڌ ڏانهن پئي رهيو آهي ۽ جيڪي هتي اچي ٿو، سو واپس وڃڻ لاءِ تيار ئي نه ٿو ٿئي. اُهو ئي سبب آهي جو سنڌ، يعني سنڌ جون سياسي ۽ مذهبي ڌريون آدمشماريءَ کي زندگي ۽ موت جو مسئلو پئي قرار ڏينديون رهيون آهن. تاريخي طور ڏٺو وڃي ته 1843ع ۾  انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي ان وقت ڪراچيءَ ۾ جيڪا به ۽ جيتري به آبادي هئي سا سئو سيڪڙو مقامي سنڌي ماڻهن جي آبادي هئي، جڏهن ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت جيڪا لڏپلاڻ ٿي، ان جو سڄو بارُ به سنڌ تي ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ تي پيو ۽ مقامي ماڻهو يا ائين کڻي چئجي ته ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيندا ويا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ هِنَ شهر جا کوڙ دعويدار آهن ۽  ڌرتي ڌڻين کان اهڙا سوال ٿيندا رهن ٿا، ڄَڻُ اُهي هن ڌرتيءَ جا وارث نه پر ڌاريا هجن. اهڙي صورتحال جي ڪري ئي سنڌ، آدمشماريءَ کي زندگي ۽  موت جو مسئلو پئي قرار ڏيندي رهي آهي. ملڪ جي مجموعي آمدنيءَ جو  سٺ سيڪڙو کان مٿي حصو سنڌ ڏئي ٿي، جيڪو وفاقي ورڇ جوڳي پولَ ۾ جمع ٿئي ٿو ،  ائين ٻين صوبن جي آمدني به انهيءَ پولَ ۾ جمع ٿئي ٿي پر انهيءَ ڪهاڻيءَ مان حصي پتيءَ جو جڏهن وارو اچي ٿو ته اهو، جنهن جيترو ڪمايو يعني آمدنيءَ بدران، آباديءَ جي بنيادَ تي ڏنو وڃي ٿو، يعني جنهن صوبي جي آبادي وڌيڪ ان کي حصو به ايترو ملندو. سو اين ايف سي ايوارڊ ذريعي وفاقي ورڇ جوڳي پول مان ڪمائيءَ/آمدنيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ گهاٽي ۾ وڃي ٿي،  سنڌ جو ڳچ عرصي کان مطالبو پئي رهيو آهي ته وسيلن جي ورڇ  آبادي نه پر آمدنيءَ جي بنياد تي ڪئي وڃي پر ان مطالبي تي اڃا ڪو ڌيان ناهي ڌريو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *