تازيون خبرون

گوگل تي سنڌي ٻولي

تازو گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اضافي واري خبر، ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ نوجوانن لاءِ سرهائيءَ جو سبب بڻي آهي، جنهن لاءِ ڪوششون ڪندڙن کي جَسُ ڏجي ٿي. انهيءَ سان نه رُڳو ترجمي ۾ آساني ٿيندي، پر گوگل ٽرانسليشن کانپوءِ سنڌي ماڻهن ۾ ٻاهريون ادب پڙهڻ سان پڻ چاهه وڌندو. بهرحال هن تمهيد جو مقصد اصل ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي واري اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گذريل 16 سالن کان پوريءَ دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن 21 فيبروري تي ملهائجندو رهي ٿو. ان حوالي سان اڄوڪي ڏينهن کي پوريءَ دنيا ۾ اهميت جوڳو تصور ڪيو پيو وڃي. مادري ٻولين جي ملهائجندڙ ان ڏينهن جو پسمنظر حقيقت ۾ اڪثريت کان انڪار واري روش آهي، جڏهن بنگالين مٿان سندي ٻوليءَ بجاءِ ٻي ٻولي اختيار ڪرڻ جو بار وڌو ويو هو. جنهن کان انڪار جي نتيجي ۾ اُتي جي شاگردن سان جيڪو ڏاڍ ڪيو ويو، سو تاريخ جي سيني ۾ اڄ به محفوظ آهي- ۽ نتيجي ۾ ڇا ٿيو، تنهن جو ورجاءُ ڪرڻ اجايو آهي. بهرحال ٻوليءَ جي معاملي تان ٻري پيل چڻنگ بنگالين کي ڌار شناخت ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ اڄ دنيا جي نقشي تي بنگلاديش هڪ ديس جي صورت ۾ نروار بڻيل آهي. اهڙي هاڃي کان پوءِ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته باقي بچيل مُلڪ ۾ وسندڙ قومن جي محرومين جو ازالو ڪيو وڃي ها، پر افسوس ته ائين ڪونه ٿيو ۽ اڄ سوڌو مُلڪ جون ڪيتريون ئي قومون پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاجي راهن تي نڪتل آهن، پر انهن جي اهڙي احتجاج کي مانُ ڏيڻ بجاءِ سندن مطالبي کي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو هتي ڪڏهن به تاريخ مان سبق سکڻ جي روايت ناهي رهي، سو بنگال جي ورهاڱي واري هاڃي باوجود به ان رويي ۾ ڪو سڌارو نه اچي سگهيو آهي. ڏسجي ته دنيا جي کِلڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته سنڌ مان ڀارت لڏي ويندڙن جي مطالبي تي ته اُتي جي سرڪار سنڌيءَ ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو آهي پر صدين کان آباد هتي جو ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ مطالبن کان ويندي احتجاج تائين سڀئي عمل ڪري چُڪو آهي پر پوءِ به هتي جي عوام جي پُڪار نٿي ٻڌي وڃي. جيتوڻيڪ ان حوالي سان پ پ جي گذريل دؤر ۾ قومي اسيمبليءَ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي سنڌي سميت مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ بابت آئيني بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني هُئي، پر هن وقت تائين اهڙي بل جو ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي. ڏسجي ته ٻولين جي حوالي سان صوبن جي عوام کي هڪ وڏي وقت کان اها احساسِ محرومي رهي آهي ته سندن ٻولين کي علائقائي ٻولي قرار ڏئي انهن جي اهميت گهٽائي وئي آهي ۽ ڪنهن حد تائين سندن خيال درست به آهي. ڪي ٿورا ئي سال ٿيندا جو گڏيل قومن واري اداري هڪ رپورٽ پڌري ڪئي هُئي، جنهن ۾ دنيا جون هزارين ٻوليون ختم ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي هُئي. جيڪا يقينن پريشانيءَ جي ڳالهه آهي. ڇو ته ڪا به قوم اِهو نه چاهيندي ته سندن ٻولي ختم ٿي وڃي. ٻولين جي خاتمي جو ٻيو مطلب اُن قوم جو ئي خاتمو آهي. ظاهر آهي جڏهن ٻولين کي علائقائي قرار ڏئي اُن جي اهميت گهٽائي ويندي ته اُن سان ٻولي ڳالهائيندڙن تي پڻ اثر پوندا. اهي اثر اسان کي ڪراچيءَ جي اڪثر اسڪولن ۾ هينئر سان ئي نظر اچي رهيا آهن، جتي سرڪار جي اعلانن باوجود سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. نه رُڳو ڪراچي پر سنڌ جي باقي شهرن ۾ هلندڙ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کان شعوري توڻي لاشعوري طور لاتعلقي اختيار ڪئي پئي وڃي. تنهن ڪري اڄوڪي ڏينهن جي نسبت سان اسين سرڪار کي اِهائي صلاح ڏينداسين ته مُلڪ ۾ ڳالهايون ويندڙ مادري زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، انهن جي ڳالهائيندڙن مان محروميون ختم ڪيون وڃن. ڇو ته جيڪڏهن اِهي محرومين گهڻي وقت تائين برقرار رهن ٿيون ته اُن جا اڳيان هلي اهڙا اُڳرا نتيجا به نڪري سگهن ٿا، جن جو اسين ماضيءَ ۾ نقصان کڻي چُڪا آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *