تازيون خبرون

گوسڙو ماسترن جي ڊيٽا ختم نه ٿي ڪري سگهجي

 

ڌاڙيل ۽ چور ٻيئي ڏوهاري آهن پر چور وڌيڪ ماهر، ڪاريگر ۽ ذهين ٿيندو آهي. ڌاڙيل رڳو ظلم ڪري سگهي ٿو. چور بنا ظلم ڪرڻ جي، بنا بندوق هلائڻ جي ڪئين توبن کي ماٺ ڪرائي سگهي ٿو. اڳي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماهر ۽ ذهين چور اڻٽيهين جي اونداهيءَ جو به انتظار ڪندا هيا ۽ چوماسي جي برسات جو به. اونداهه ۾ ڀاڳيا بي خبر هوندا هيا ۽ چوماسي جي برسات جي ڪري ڪاهيل ڌڻن جا پير ڳولڻ ۽ ماپڻ ڪنهن پيريءَ جي وس جي ڳالهه نه رهندي هئي. پر سنڌ ۾ هاڻي جيڪي چورصفت آهن، انهن کي اها خبر ئي ڪانه پئي آهي ته، ٽيڪنالاجي جنهن هنڌ نظر اچي ٿي، اها رڳو اتي ڪانهي. ان کان سواءِ ٻين هنڌن تي به هجي ٿي. سو، لاڙڪاڻي ۾ جيڪي به چور آهن، اهي ماسترن جي ڪنهن تنظيم جا حمايت يافته آهن، يا انهن جا مخالف، اهي جڏهن به ڪمپيوٽر سان ڪابه ڇيڙڇاڙ ڪن ته کين خبر هجڻ گهرجي ته ان سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

ٻه ڏينهن اڳ آڌيءَ رات  جو اڻٽيهين جي اونداهي بدران يارهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ لاڙڪاڻي ۾ چورن ان ”بايوميٽرڪ سسٽم“ کي هٿوڙن سان ختم ڪري ڇڏيو. ان سسٽم وسيلي لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ گوسڙو ماسترن جي ڳالهه پڌري ٿي پئي ها. انهن بايوميٽرڪ سسٽم کي تباهه ڪري پنهنجي گوسڙو ماسترن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين اها خبر شايد ڪانه هئي ته ڊويزن جي ڊيٽا بروقت تعليم کاتي ۾ گڏ ٿيندي رهندي آهي، ان ڪري ڪجهه هزارن جو بايوميٽرڪ سسٽم مشين ته تباهه ٿي سگهي ٿي، گوسڙو ماسترن جي باري ۾ گڏ ٿيل ڊيٽا ختم نه ٿي ڪري سگهجي.

انهن سمورن چورن کي، تعليم جي دشمنن کي، گوسڙو ماسترن جي حامين کي ۽ تعليم کاتي جي انهن بيهودن آفيسرن کي شرم اچڻ گهرجي جيڪي سنڌ جي تباهيءَ جي پويان پيا آهن. جيڪي ڏوهه کي هٿي وٺائين ٿا. جيڪي چوري پڪڙجڻ کي خراب سمجهن ٿا. انهن سمورن عنصرن جي مذمت ڪرڻ گهرجي، انهن کي نندڻ گهرجي. انهن کي خراب ماڻهو سمجهڻ گهرجي.

افغانين کي جاري ڪيل شناختي ڪارڊ

ملڪ ۾ شناختي ڪارڊ جاري ڪندڙ اداري ”نادرا“هڪ لک شناختي ڪارڊ ”روڪي“ ڇڏيا آهن، اهي ڪارڊ انهن افغانن جا آهن،  جن جي نشاندهي يا ته انهن جي ٻيهر ڪارڊ ٺهرائڻ مهل سامهون ٿي يا وري انهن جي گهرگهاٽ جي باري ۾ شڪ جاڳيا. ان حوالي سان ”بلاڪ“ ٿيل ڪارڊن جي مالڪن جو چوڻ آهي ته نادرا پاران بنا سوچڻ جي اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ جي اسان کي پاڪستاني نه پئي سمجهيو ويو ته پوءِ ڪارڊ جاري ڇو ڪيا ويا؟

پاڪستان انهن بدقسمت ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ ”شناختي ڪارڊ“ کي ڪنهن به شخص جي ”شهريت“ جو لائسنس ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن ته دنيا ۾ ڪنهن به شخص کي پنهنجي شهريت لاءِ ان جي زمين جي رشتي جي تاريخ، ان جي ٻولي ۽ ان جي ماضي وغيره کي ڏٺو وڃي ٿو. پر اسان وٽ ڪنهن به ڪلرڪ يا آفيسر جي 500 رپين ۾ ڪنهن به شخص کي پاڪستان جي شهريت ملي وڃي ٿي. ان کي سمورا حق ملي وڃن ٿا. ان جو اوترو ئي حق ٿي وڃي ٿو جيڪو پنج هزار سال پراڻي تاريخ رکندڙ نسلن کي هُجي ٿو.

پختونخواهه ملي عوامي پارٽي محمود خان اچڪزئي ان عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جي ”افغانن“ کي پاڪستاني نه ٿو سمجهيو وڃي ته پوءِ ان عمل جي مذمت ڪرڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو رستو نه ٿو بچي.

پاڪستان ۾ مُلڪ جي اندر جيڪي اصلوڪا باشندا رهن ٿا، انهن جي هڪ عام ۽ انتهائي اهم شڪايت اها رهي آهي ته هڪ پاسي سندن ڪوبه والي وارث نه رهيو آهي، سندن ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا محدود ڪيل آهن، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه نه پر ٻه هزار مٿا رهيا آهن. جنهن ڪري اصلوڪا عوام لٺ جي هڪ مٿي مان پاڻ کي زخمي ڪري ٻئي کان بچائين ٿا ته سندن مٿان لٺ جو ٽيون مٿو مٿن ڪڙڪي ٿو. اهڙي طرح ملڪ جا اصلوڪا عوام ساڳي لٺ جي هزار مٿن کان پاڻ کي زخمي ڪرائيندي جيئرا رهن ٿا. اهڙي ئي هڪ لٺ ”نادرا“ جي انهن آفيسرن جي هٿ ۾ به آهي، جيڪي رڳو ٿورڙن سڪن عيوض پاڪستان جي مختلف حصن جي آبادين تي هڪ پاسي دٻاءُ وڌائين ٿا ته ٻئي پاسي ملڪ جي سموري ڪلچر کي متاثر ڪن ٿا.

پاڪستان سرڪار کي گهرجي ته، ملڪ کي بهتر طريقي سان هلائڻ واسطي هڪ اهڙو ۽ نئون ڪلچر پيدا ڪري جنهن ۾ هڪ ”مربوط“ ۽ ڳنڍيل پاليسي ٺاهي، ملڪ جي پرڏيهي ۽ دفاعي حصن کي پڻ ان طرف سوچڻو پوندو. ڇوته، پرڏيهي پاليسيون هڪ پاسي دفاع تي اثرانداز ٿين ٿيون ۽ ان کان پوءِ ملڪ تي اثرانداز ٿين ٿيون. اها ڳالهه 1979ع ۾ 30 لک افغان پناهگيرن سميت ڀارت، بنگلاديش، برما وغيره مان ايندڙ لکين غيرقانوني پناهگيرن جي باري ۾ سمجهي سگهجي ٿي ته ڪيئن اهي هتي آيا ۽ هتي رهڻ ڏنا ويا، ڪيئن پشاور شهر سميت پختونخواهه صوبي سميت سڄي ملڪ جي ڪلچر کي تبديل ڪري ڇڏيائون.

پاڪستان ۾، پاڪستان واسطي، پاڪستان جي عوام جي خيرخواهيءَ ۾ جيستائين پاليسيون ٺاهڻ ۾ دير ٿيندي اوترو ملڪ ۾ تباهي ۽ ان جا اولڙا هروقت نظر ايندا. برابري جي بنياد تي پرڏيهي پاليسي ٺاهي، پنهنجي بچاءَ واسطي ڪنهن جي خلاف اڳرائي نه ڪرڻ واري دفاعي پاليسي سان اسان جا تمام گهڻا ادارا وڏي عذاب کان ۽ پاڪستان هڪ وڏي نقصان کان بچي ويندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *