تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪشمير مسئلو، گڏيل قومون ڪردار ادا ڪن..!

قومي اسيمبلي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت ۽ انساني حقن جي ڀارتي خلاف ورزين جي خلاف متفقه قرارداد منظور ڪندي ڀارتي حڪومت پاران ڪشمير کي پنهنجو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي کل جوڳي دعويٰ کي رد ڪندي گڏيل قومن ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها سلامتي ڪائونسل جي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان قراردادن تي دنيا جي ٻين حصن وانگر عملدرآمد جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڀارت کي چوي ته اها گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت ملٽري آبزرور گروپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو مينڊيٽ پورو ڪرڻ جو موقعو ڏي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت کي ورجايو ويو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ آزادي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کي پڻ ورجايو ويو آهي. قرارداد ۾ عالمي برادري کي چيو ويو آهي ته اها ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ عوام جي انساني حقن ۽ خودمختياري جي حق جو احترام ڪري. قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي وعدي جي لاءِ سندس جدوجهد، حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو ويو آهي. قرارداد ۾ ڀارت پاران ڪشمير کي پنهنجو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڻ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو آهي ۽ هن ان کي آزاد گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ عالمي تڪرار تسليم ڪيو آهي. هي ايوان والاريل ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم ڪشميري شهرين تي قابض ڀارتي فوج پاران رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ هزارين معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. معصوم ڪشميرين جي خلاف پيلٽ گنن جي استعمال سان انهن کي اکين جي نور کان محروم ڪرڻ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي خلاف ان جي استعمال کي 1949ع جي جنيوا ڪنوينشن، ان جي اضافي پروٽوڪول ون ۽ ٽو ۽ عالمي انساني قانونن جن ۾ غيرانساني هٿيارن جي جنگ ۾ استعمال پڻ منع آهي، انهن عالمي معاهدن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪارن قانونن جو ڪشميرين جي خلاف استعمال ۽ لاڳيتو ڪرفيو سان مقامي آبادي جي مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو عالمي انساني حقن جي ڪنوينشنز جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان عالمي برادري، انساني حقن جي وڪيلن پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، معصوم ڪشميرين جي خلاف ڀارتي هٿياربند فوج پاران طاقت جي استعمال تي افسوس جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ٺوس قدم کڻي، جهڙي طرح هن ايسٽ تيمور ۽ سائوٿ سوڊان جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي ڪيس تي کنيا آهن. قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڀارت کي چوي ته هو گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت ملٽري آبزرو گروپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو مينڊيٽ پورو ڪرڻ جو موقعو ڏي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *