تازيون خبرون

ڀارتي جارحيت جو گڏيل قومون نوٽيس وٺن…!

 

وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي صلاحڪار سوزن رائس ملاقات ڪري خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ايل او سي تي هلندڙ ڀارتي جارحيت جا ثبوت آمريڪي صلاحڪار حوالي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارت مسلسل اڳرائي ڪري رهيو آهي، گڏيل قومون ۽ آمريڪا نوٽيس وٺي. وزيراعظم هائوس ۾ آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سوزن رائس وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪي سفير رچرڊ اولسن، آمريڪي قومي سلامتي جو ڊائريڪٽر، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعجاز چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن، افغانستان صورتحال ۽ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم نواز شريف ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي جارحيت ۽ اڳرائين جا ثبوت آمريڪي صلاحڪار سوزن رائيس حوالي ڪري ڇڏيا، وزيرعظم چيو آهي ته ڀارت مسلسل اڳرائي ڪري رهيو آهي، گڏيل قومون ۽ آمريڪا سنجندگي سان معاملي جو نوٽيس وٺن. وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان ڀارت ۽ افغانستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو، وزيراعظم نوازشريف چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان اقتصادي، دفاعي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي جا اهم ساٿي آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن سان دنيا جي ٻين ملڪن کي به فائدو پهچندو، سوزن رائس چيو ته آمريڪا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪاميابين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ چيو ته وزيراعظم نوازشريف جي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا رکڻ واري سوچ قابل قدر آهي. ملاقات ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن بابت امريڪي صلاحڪار سوزن رائيس کي بريفنگ ڏني وئي، امريڪي صلاحڪار سوزن رائيس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف پاڪستان جا کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن، افغانستان ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار جاري رکندا. سوزن رائيس چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پاڪستان امريڪا جو اهم اتحادي آهي، پاڪستان سان دفاعي ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط ڪيا ويندا. ملاقات ۾ وزير اعظم نواز شريف جي آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ آمريڪي دوري جي ايجنڊا بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملاقات دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪٻئي سان سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ آپريشن ضرب عضب بابت آمريڪي صلاحڪار کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته آمريڪا کان اتحادي سپورٽ فنڊ جي بحالي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڀارت پاران ورڪنگ بائونڊري ۽ ڪنٽرول لائن تي ٿيندڙ اڳرائين ۽ ڀڃڪڙين جو معاملو به اٿاريو ويو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مستقبل ۽ خطي جي صورتحال تي پڻ ڳالهايو ويو، آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار کي خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن توڙي افغانستان جي سرچاءَ واري عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کان به آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي سوزن رائس چيو ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ چاهي ٿو. سوزن رائس چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان دهشتگردن کي شڪست ملي رهي آهي، پاڪستاني ڪارروايون ساراهه جوڳيو آهن، ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا نه رڳو پاڪستان پر خطي لاءِ به اهم آهن، آمريڪا، پاڪستان جو سڀ کان اهم اتحادي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *