تازيون خبرون

پلي بارگيننگ محفوظ رستي برابر…

صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته مون تي وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش جو الزام غلط آهي، جڏهن ته وزارت عظميٰ جو اميدوار ناهيان، نه ته مون کي ڪيترائي ڀيرا آڇون آيون هيون، پر مون ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف سازش ناهي ڪئي، آئون ڪڏهن به پٺتي وار ناهيان ڪندو ۽ نه ئي وري مون کي چور دروازي وسيلي عهدو حاصل ڪرڻ جي خواهش آهي، ڇوته عزت عهدن ۾ نه ڪردار ۾ هوندي آهي. پ پ مون کا ايف آءِ اي جي جاچ جاري رکڻ ڪري ناراض آهي، پر اها جاچ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ اي ڪري رهي آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي نيب جو چيئرمين مقرر ڪندا ته احتساب ڪيئن ممڪن بڻبو، ان ڪري چيئرمين نيب جي مقرري سپريم ڪورٽ وٽان ٿيڻ گهرجي، ڇوته احتساب جو عمل ان وقت ئي شفاف ٿي سگهي ٿو، جڏهن نيب جي سربراهه جي مقرري عدليا ڪري ۽ نيب کي مڪمل خودمختياري ملي، اداري ۾ ڪنهن جي مداخلت به نه هجڻ گهرجي، پلي بارگيننگ چورن کي رستو ڏيڻ برابر آهي،

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڇاپي جو پ پ ڪوچيئرمين آصف زرداري جي ڏيهه واپسي سان ڪو تعلق ناهي، ڇوته آصف زرداري جي خلاف نه ته ڪا ايف آءِ آر داخل آهي ۽ نه ئي وري هو ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهي، ڇاپن بابت رينجرز جو بيان به اچي چڪو آهي، موجوده حالتن ۾ آصف زرداري کي ڊيل جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي هو ڪنهن مفاهمت تحت واپس آيو آهي، آصف زرداري جي حڪومت سان نه ڪا ڊيل ٿي آهي ۽ نه وري ڪا ضمانت ڏني آهي، وزيراعظم سان ڪراچي آپريشن بابت ملاقات ناهي ڪئي، ڪوئيٽا ڪميشن جو جواب سپريم ڪورٽ ۾ ڏيندس، جڏهن ته پرويز مشرف کي ٻاهرين ملڪ اماڻڻ لاءِ دٻاءُ ته پري جي ڳالهه آهي، ڪنهن سفارش به نه ڪئي هئي.

هڪ ٻئي تي الزامن جي سياست اسان جي ملڪ ۾ تمام پراڻي آهي، جڏهن ڪو ڪم نه ڪرڻو هجي ته حڪمران ۽ مخالف پارٽيون هڪ ٻئي تي الزامن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر حڪومت کي ڳچي ۾ پئجي وڃي ته کڻي ڪاميٽي جوڙبي آهي مطلب ته هل ته پڄا وارو ڪم، سرڪار سڳوري کي اپيل آهي ته هڪ ٻئي جا پي ڪڍڻ واري ٽائيم ٽارڻ واري سياست بجاءِ اهي قدم کنيا وڃن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي مفادن ۾ هجن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *