تازيون خبرون
بي نامي ملڪيتون ضبط ڪري غريب کي ڏينداسين، ڪجهه به ڪيو احتساب ٿي ئي رهندو: وزير اعظم - دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف - ڳالهين لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر نواز شريف ۽ مان تيار ناهيون: مريم نواز - سينيٽ چيئرمين خلاف رٿ، مخالف ڌر طرفان 60 سينيٽرن جي حمايت جي دعويٰ - عمران خان ۽ ملالا يوسفزئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدا شخصيتن ۾ شامل - انصاف تي ٻڌل معاشر جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - ملڪ ۾ ادارا آزاد آهن، پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن: فردوس عاشق - فردوس شميم ادارن جو ترجمان نه بڻجي، وعدي موجب نرسن جي مطالبن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو: مرتضيٰ وهاب - شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ 13 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي، هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي: عباسي - پرامن ڪارڪنن جون گرفتاريون عمران نيازي جي خوف ۾ مبتلا هجڻ جي علامت آهي: شهباز شريف

عدالتي حڪمن جي تعميل

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بئنچ مرتضيٰ وهاب کان قانون جي صلاحڪار واري حيثيت جو قلمدان واپس وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران مرتضيٰ وهاب کان قلمدان واپس وٺڻ بابت نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جو چوڻ هو ته سعيد غني، مولا بخش چانڊيو ۽ اصغر جوڻيجو به مختلف کاتا هلائي رهيا آهن، انهن کي به عهدن تان هٽايو وڃي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ مولا بخش چانڊيو، اصغر جوڻيجو ۽ سعيد غني کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري عدالت ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيا وڃن. عدالتي فيصلو اچڻ کان پوءِ  سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، وزير اعليٰ سنڌ جي ٽن معاون خاص نادر خواجه ذوالفقار بيهڻ ۽ نويد انٿوني به پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون، ٽنهي معاون خصوصي پنهنجون استيفائون وڏي وزير کي پيش ڪيون. مولابخش چانڊيو، سعيد غني، نادر خواجه عبدالقيوم سومرو جو چوڻ هو عدالت جي فيصلي کانپوءِ ان عهدي تي رهڻ مناسب ناهي، شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به احترام ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *