تازيون خبرون

سنڌ بلوچستان حڪومتن جو پاڻي مسئلي جي حل تي اتفاق

سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن وچ ۾ پنهنجي پاڻيءَ بابت ۽ گڏيل ڪئنال واري نظام مان حددخلين جي خاتمي لاءِ ته جيئن آبپاشيءَ جي پاڻيءَ جي فراهمي روانيءَ سان ٿي سگهي ۽ ڏوهارين جي چرپر کي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل سيڪريٽريز جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اهو فيصلو اڄ ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن سيد مراد علي شاهه ۽ ثناءُ الله زهري جي ملاقات ۾ ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جماليءَ خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.  سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ بين الصوبائي مسئلن بابت اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جماليءَ بلوچستان حڪومت پاران اٿاريا جيڪي پٽ فيڊر، کيرٿر ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ کوٽ، پٽ فيڊر ڪئنال جي بندن تان حددخلين جي خاتمي ۽ کيرٿر ڪئنال ۾ نڪاسيءَ واري پاڻيءَ جي پمپنگ، آر بي او ڊي III منصوبن جي بروقت تڪميل ۾ دير ۽ حب ڊيم جي ذخيري (پاڻي) جي سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ غيرمنصفاڻي ورهاست جهڙا مسئلا شامل هئا. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جماليءَ بلوچستان حڪومت طرفان انهن مسئلن کي اٿاريو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کين ان حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو.   سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بلوچستان صوبو وڌيڪ پاڻي پٽ فيڊر ڪئنال، گڊو بئراج ۽ کيرٿر ڪئنال آف نارٿ ويسٽرن مان حاصل ڪندو آهي، ان سان گڏوگڏ بلوچستان اوچ کان به پاڻي حاصل ڪندو آهي جتان 700 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي ۽ مينوٿي ڪئنال جتان 600 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي ۽ گڊو بئراج وٽ بيگاري ڪئنال ۽ ڊزرِوِ ڪئنال کان 707.55 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي.گڊو بئراج مان پاڻيءَ جي فراهميءَ متعلق ڪابه شڪايت نه آهي يا ايئن چئجي معمولي شڪايت آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ صوبو بلوچستان جي حصي واري پاڻيءَ جي معاهدي کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن بلوچستان جي حصي ۾ سڌوسنئون آئوٽ ليٽ مان پاڻيءَ جي فراهمي کي ڳڻيو وڃي. ان حقيقت کي مڃيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سکر بئراج جي کيرٿر ڪئنال مان پاڻيءَ جي کوٽ بابت ڪجهه شڪايتون آهن. هن پاڻيءَ جي کوٽ جا ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته سکر بئراج ۾ تلاءَ جي سطح کي بهتر ڪيو ويو آهي، انڪري نارٿ ويسٽرن ڪئنال ۽ دادو ڪئنال پنهنجو مڪمل ڊسچارج نه پيا ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سموري نظام ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جنهن وٽ ايريگيشن جي وزارت جو قلمدان به آهي ان تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي صوبن جي آبپاشي واري سيڪريٽرين تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ان مسئلي تدارڪ جي لاءِ حل ڳولهي سگهي.

بلوچستان جي وڏي وزير ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اسان ٻئي ڀائر آهيون ۽ گڏيل صلاح سان انهن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير وڌيڪ سنڌ ۾ رهندو آهي، انڪري سنڌ جو به ان تي برابر جو حق آهي، ان اها ڳالهه خوشگوار انداز ۾ ڪئي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پٽ فيڊر ڪئنال جي بندن سان گڏ RD.0 کان RD.125تائين حددخليون آهن جيڪو سنڌ جو حصو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀل صفائي ۽ ان سان پاڻيءَ جو وهڪرو به بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مکيه پٽ فيڊر ڪئنال زيرو کان 172 ڪلوميٽرن کي ريموڊيليٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جنهن مان 1860 اضافي پاڻي ڊسچارج ٿيندو. جنهن سان بلوچستان جي حڪومت ضلعي نصيرآباد ۽ جهل مگسيءَ جي پڇريءَ تائين جي 205000 ايڪڙ زمين کي هارپي جي قابل بڻائي سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *