تازيون خبرون

راندي وسيلي دهشتگردي کي شڪست…..!

پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي هارائي پي ايس ايل ٽو جو چيمپئن بڻجي ويو آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ جي پشاور زخمي پهريان کيڏندي مقرر ڪيل 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون اهيون جڏهن ته جوان ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز رڳو 90 رنسن تائين محدود رهي ۽ 58 رنسن تان هارائي وئي. پاڪستان سپر ليگ جي فائنل مئچ لاءِ پشاور زلميءَ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 149 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، گليڊي ايٽرز جي سموري ٽيم 16.3 اوورن ۾ 90 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز  طرفان سڀ کان وڌيڪ سين ايروين اسڪور ڪيو، هو 19 بالن تي 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان سرفراز احمد 22 ۽ انور علي 20 رنسون ٺاهيون، پشاور زلمي طرفان محمد اصغر 4 اوورن ۾ 16 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته وهاب رياض ۽ حسن علي 2،2 وڪيٽون ورتيون.  جورڊن ۽ محمد حفيظ هڪ هڪ شڪار ڪيو، ان کان اڳ پشاور زلمي مقرر 20 اوورن  ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسو ٺاهيون، پشاور زلمي طرفان ڪامران اڪمل هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته مارلن سيموئلز 19، ڊيوڊ ملان 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد حفيظ 12، افتخار احمد 14، خوش دل شاهه هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪپتان ڊيرن سيمي ٽن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 28 جڏهن ته ڪرس جارڊن 8 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. رياد ايمرٽ 3، حسن خان 2 ۽ محمد نواز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ٽن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، ڪامران اڪمل مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۾ ڪپتان سرفراز احمد، احمد شهزاد، مورني وين وِڪ، انعام الحق، سين اَيروِن، سعد نسيم، انور علي، ذوالفقار بابر، رياد ايمرت، محمد نواز ۽ حسن خان شامل هئا. پشاور زلمي ۾ ڊيوڊ ملان، ڪامران اڪمل، مارلن سيموئلز، محمد حفيظ، افتخار احمد، خوش دل شاهه، ڪپتان ڊيرن سيمي، ڪرس جارڊن، وهاب رياض، حسن علي ۽ محمد اصغر شامل هئا.

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اڄ دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پاڪستان لاءِ اڪيلائي جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ايس ايل جو فائنل پاڪستاني ميدانن کي آباد ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، پاڪستان سپر ليگ جي فائنل مئچ جي موقعي تي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گذريل چئن سالن دوران اسان مضبوط ۽ مستحڪم ٿيا آهيون، پاڪستان کي اسان ترقي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، سمورين مشڪلاتن، رڪاوٽن، خوف ۽ تقسيم جي باوجود اسان اڳتي وڌيا آهيون، اسان قومي اميدن موجب سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي. ڪرڪيٽ اسان جي دلين جي تمام ويجهو آهي، پي ايس ايل فائنل مئچ پاڪستان ۾ ڪرائڻ سان اسان وڌيڪ مضبوط ۽ متحد ٿي ويا آهيون، پي ايس ايل فائنل مستقبل لاءِ سٺو سنئوڻ آهي ۽ خوشي ٿي آهي ته موثر قدمن سان عوام کي پسنديده راند ڪرڪيٽ پنهنجي سرزمين تي ڏسڻ جو موقعو مليو. ملڪ ۾ پي ايس ايل ۽ اهڙي قسم جون ٻيون رانديون ڪرائڻ سان دنيا کي پاڪستان جو مثبت پيغام ملندو، وڏي عرصي کان خواهش هئي ته عوام کي تفريحي ماحول ملي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *