تازيون خبرون

دور انديشيءَ جو فقدان

انتهاپسنديءَ جنهن سڄي دنيا کي نڪ ۾ دَمُ ڪري رکيو آهي، سا ڪنهن دؤر ۾ اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ محبوب مشغلو بڻيل هئي. سوويت يونين کي ٽوٽا چٻرائڻ جي نيت سان جنهن وقت انتهاپسنديءَ جون نرسريون جوڙيون پئي ويون، تنهن وقت ڪنهن هڪ جي ذهن ۾ به اِهو سوال نه اُٿيو هو ته، جن جي هٿن ۾ هٿيار ڏسي اسين سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، اُهي سڀاڻي اسان جي به آڏو اچي سگهن ٿا ۽ اسان کي پڻ نقصان رسائي سگهن ٿا!؟ پر جيئن ته دور انديشيءَ جو پري پري تائين اسان سان ڪو واسطو ناهي رهيو، تنهن ڪري بس جيڏانهن هوا جو رُخ هو، تيڏانهن حڪومتي سِڙهَه سماج کي ڌڪيندا ويا. نتيجي ۾ حالتن اسان کي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي اهڙي رڻ ۾ ڇڏيو، جنهن جي چوڌاري مختلف ڌٻڻ ٺهيل آهن، جيڪي ڏينهون ڏينهن وڃن ٿيون وسيع ٿينديون. هڪ طرف ڪرپشن جي ڌٻڻ آهي، جنهن ۾ مجموعي طور پورو سماج لهندو ٿو وڃي، ايستائين جو انهيءَ ڌٻڻ جا سڀ کان وڌيڪ ڇنڊا ملڪ جي انتهائي ذميوار فردن تي پوندي ڏسجن ٿا، جنهن ۾ سول توڙي ٻين سڀني ادارن جا ماڻهو اچي وڃن ٿا، جن جا پانڌ ڪنهن نه ڪنهن ريت انهيءَ ڪيچڙ ۾ پسيل نظر اچن ٿا. ٻئي طرف غربت جي ڌٻڻ آهي، جيڪا لکين ڪروڙين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهي ٿي. هتي خلق جو جهجهو انگ مانيءَ ڳڀي جي تلاش ۾ زندگي گذاريو ڇڏي، اُن کي آخري گهڙيءَ تائين اِهو پتو ناهي هوندو ته اُن جا بنيادي حق ڪهڙا هئا، رياست ڪهڙن معاملن ۾ هُن ڏانهن ذميوار هئي ۽ هُو جن ماڻهن کي چونڊي ايوانن تائين رسائيندو رهيو، اُنهن مٿي سندس ڪهڙا حق هئا؟ بس لکئي جا ليک واري ٿيوريءَ جي جڪڙ ۾ هُو ڏک ۽ تڪليف کي مقدر سمجهيو، وڃي سدا جي ننڊ سُمهن ٿا. سندن پٺيان ڏکن ۽ تڪليفن جون ڀريون وري اُنهن جا ايندڙ نسل ڍوئيندا رهن ٿا. ائين هيءُ نظام پنهنجي سرڪل ۾ ڦرندو رهي ٿو. اُن جي تبديلي يا سڌاري جا امڪان وڃن ٿا اوڻٽيهين اونداهيءَ جهڙا ٿيندا. دعويٰ جي حد تائين ته اسين سڌريل سماجن سان ڪُلهو هڻون ٿا، پر زميني حقيقتون انتهائي ڀيانڪ پڻي جون چغليون هڻنديون رهن ٿيون. صحت، تعليم، ترقي ۽ امن کي جڏهن سماجي آئيني ۾ ڏسجي ٿو ته اُهي سڀ شعبا نااهليءَ جو اهڙو عڪس آڇين ٿا، جنهن سان مستقبل انتهائي ڌنڌلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. رياستي وهنوار کي جنهن بردباري، تدبر ۽ معامله فهميءَ سان هلايو ويندو آهي، تنهن جي اسان وٽ شديد اڻاٺ رهي ٿي. قومي ايئرلائين واري مامري کي ئي ڏسجي. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پائلٽن جي احتجاج وارو معاملو اُلجهيل آهي، حڪومت پائليٽن کي راضي ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن سبب ڪروڙين رپين جو نقصان هڪ پاسي ته خلق جي پريشاني ٻئي پاسي. جيڪڏهن معاملا حل ڪرڻ جو آرٽ حڪمرانن وٽ هجي ها ته اِهو اشو ڪجهه ڪلاڪن ۾ حَلُ ٿيڻ جهڙو هو. جيڪڏهن پائليٽ غير ضروري مطالبا ڪري رهيا آهن، تڏهن به انهن کي سمجهائڻ انتظاميه توڙي حڪومت جو ڪم هو، پر جي اُنهن جون ڳالهيون مڃڻ جوڳيون آهن ته پوءِ جَڳُ کلائڻ جي ضرورت آخر ڪهڙي آهي؟ ڇا هُو معاملي کي اينگهائي اِهو ثابت ڪرڻ چاهين ٿا ته منجهن مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي يا اڃا ئي ڪي ٻيا مقصد آهن؟ ڪجهه به هجي، قومي نوعيت جي مسئلن تي ڍر ڏيڻ سان دنيا ۾ رسوائي کڻڻي پوي ٿي، جيڪا ڪنهن به ريت هڪ اهڙي ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ نه چئبي، جيڪو اڳ ئي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ سبب سڄي دنيا ۾ بحث هيٺ آيل آهي. اسين حڪمرانن کي اِها ئي صلاح ڏينداسين ته معاملا فهميءَ جي فقدان کي دور ڪندي وسيع نظريءَ جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏوگڏ معاملن کي ترت حل ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن بحراني ڪيفيت مان قوم ۽ ملڪ کي ٻاهر ڪڍي سگهجي ۽ اِهو سڀ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن حڪمران انائن کي پاسيرو رکي تحمل ۽ تدبر سان مامرن کي جاچڻ شروع ڪندا. اسين اُميد ٿا ڪريون ته حڪمران اسان جي اُن صلاح تي ٿڌيءَ دل سان ضرور ويچاريندا ۽ سڀني مامرن کي فهم جي فرهيءَ ذريعي حل ڪرڻ واري واٽ اختيار ڪندا ته جيئن بحران پٺيان بحرانن وارين ڪيفيتن کان هميشه جند ڇڏائي سگهجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *