تازيون خبرون

دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ

انڊيڪس مطابق سڀ کان وڌيڪ خراب صورتحال جنگ متاثر مُلڪ سينٽرل آفريقن ريپبلڪن جي آهي، جيڪو سروي ڪيل 117 ملڪن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي، ٻئي نمبر تي چاڊ ۽ ٽئين نمبر تي زيمبيا آهن. جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين نمبر تي افغانستان ۽ ٻئي نمبر تي پاڪستان اهڙا مُلڪ قرار ڏنا ويا آهن، جتي ماڻهو خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. واضح رهي ته هيءَ فهرست ڪنهن به مُلڪ جي ٽن عنصرن جي سراسري ڳڻپ، آبادي ۾ خوراڪ جي کوٽ، پنج ورهين جي ٻارن ۾ وزن جي گهٽتائي ۽ پنج سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي موت جي شرح تحت ڪئي ويندي آهي. خبر ناهي اِها انڊيڪس اسان جي حڪمرانن جي نظر مان گذري به آهي الائي نه؟ ۽ جيڪڏهن گذري آهي ته اُها انڊيڪس سندن نراڙ تي پريشانيءَ جي گُهنجن جو سبب بڻجي سگهي به آهي الائي نه! پر هڪ اهڙي مُلڪ لاءِ اِها رپورٽ انتهائي ڳڻتيءَ جو باعث آهي، جيڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن دُنيا جي طاقتور مُلڪن ۾ شامل ٿئي ٿو. اُهو خوراڪ جي کوٽ وارن 117 مُلڪن جي فهرست ۾ يارهين نمبر تي آهي، جڏهن ته اُن جي مقابلي ۾ پنجوڻ ڀيرا وڌيڪ آبادي رکندڙ ڀارت جي صورتحال گهڻي بهتر آهي ۽ اُهو 25 نمبر تي آهي. عام تاثر اِهوئي هو ته جهوپڙ پٽي ۽ فٽ پاٿ وارو سماجي ڍانچو رکندڙ هندستان ۾ وڌيڪ بُک ۽ غربت آهي پر هاڻوڪي انڊيڪس ٻُڌائي ٿي ته ڀارت ۾ بُک ۽ بدحالي جي صورتحال اهڙي ناهي جهڙي پاڻ واري مُلڪ جي آهي. انهيءَ بُک ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ توڻي جو دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي قرار ڏنو پيو وڃي، پر هن مُلڪ ۾ انهي کان علاوه به ڪيترائي اهڙا ڪارڻ آهن جيڪي غربت جي شرح ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيا آهن. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏسبو ته مُلڪ جي وجود کان اڄ تائين اسين پاڻ ۾ جمهوري رويا به پيدا ناهيون ڪري سگهيا. اڄ به اسان جي سياست تي سرمائيدار ۽ جاگيردار جو قبضو آهي، جنهن سدائين پنهنجي مخصوص مفادن کي اهميت ڏني آهي. اُن کي انهيءَ ڳالهه سان ڪڏهن به سروڪار ناهي رهيو ته ڪو ملڪ جي وڏي آبادي خوراڪ جهڙي بنيادي حق کان محروم آهي. اُن سرمائيدار ۽ جاگيردار انهيءَ ڳالهه جي پڻ ضرورت محسوس ناهي ڪئي ته ڪو سندن علائقا صحت جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، نه ئي وري انهن ڪڏهن تعليم جهڙي روشنيءَ کي اهميت ڏني آهي، بلڪه انهن جي مفاد ۾ اِهو ئي آهي ته هتي جو ماڻهو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو رهي، بيماريون سندن صلاحيتن کي نپوڙي ناس ڪن ۽ ٻاٽ واري سماج ۾ جيئندي اُهي پڇاڻي يا سوال ڪرڻ واري شعور کان وانجهيل هجن. انهيءَ فارمولي تي حڪمران هجي يا مخالف ڌر اُنهي ساڳي روش رکي آهي. نتيجي ۾ هتي جي زندگي مسئلن جي ڌٻڻ بڻجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ افسوس وري اُنهن عقل جي انڌن تي ٿئي ٿو، جيڪي سڄاڻ هجڻ جون دعوائون ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن اُنهن سڄاڻ ڌرين توڙي شخصن کي ذرو به احساس هجي ها ته گلوبل هنگر انڊيڪس پڌري ٿيڻ کانپوءِ هتي رڻ ٻريل هجي ها، جو خوراڪ انسان جو سڀ کان بنيادي حق آهي، جيڪي ڌريون انهيءَ محروميءَ تي اکيون بند ڪيو ويٺيون آهن، اُهي آخر ٻيا ڪهڙا اُجالا آڻي سگهنديون. اهڙي ذميواريءَ کان اسين قومي ميڊيا کي پڻ آجو قرار نه ٿا ڏئي سگهون، جيڪا ڪنهن هڪ حلقي جي ضمني چونڊ وقت ته پل پل جي خبر ڏئي ٿي، پر هن هيڏي وڏي مسئلي تي آيل رپورٽ کي فقط ڪجهه سيڪنڊن ۾ گذاريو، محسوس ڪرائين ٿا ته اُنهن پنهنجا فرض پورا ڪري ورتا آهن! ۽ ائين جيڪڏهن ڏسنداسين ته سماج جو هر ذميوار فرد توڙي ادارو انهيءَ اهم مسئلي کان ڪن لاٽار ڪندي نظر ايندو. توڻي جو اِها ڳالهه هر عام توڙي خاص چڱيءَ پر ڄاڻي ٿو ته غربت هر برائيءَ جي ماءُ هوندي آهي، باوجود اُن جي انهيءَ اهم مسئلي تي ڪو ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ناهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *