تازيون خبرون

ائيني ماهر جو وڇوڙو….

ناليوارو آئيني ماهر ۽ سينئر قانوندان عبدالحفيظ پيرزادو 80 ورهين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪجهه وقت اڳ کيس برطانيا جي شهر ريڊنگ جي رائل برڪشائر اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي ٻه هفتا پهرين سندس آنڊي جو آپريشن پڻ ٿيو هو، پر هُن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اڱاري واري رات جو دير سان هُن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. 24 فيبروري 1935 تي سنڌوءَ ڪناري آباد شهر سکر ۾ جنم وٺندڙ عبدالحفيظ جو تعلق سنڌ جي سياسي گهراڻي سان هو. هُن جو والد پيرزادو عبدالستار پاڪستان جي پهرين ڪابينا ۾ زراعت ۽ صحت جو وزير هو. جڏهن ته 1953 ڌاري هڪ سال لاءِ وٽس سنڌ جي وڏ وزارت پڻ رهي. عبدالحفيظ پيرزادي جو خاندان قانوني حوالي سان مهارت رکندڙ هُو. هُن جو ڏاڏو ۽ والد پڻ بئريسٽر هُئا، جڏهن ته سندس پُٽ کي پڻ ساڳيو اعزاز حاصل آهي. قانون جي حوالي سان حفيظ پيرزادي کي هڪ سونهي واري حيثيت حاصل رهي. پيچيده ۽ مُنجهيل مامرن کي سُلجهائڻ جو وٽس ڏانءُ هو. اِهوئي سبب آهي جو مُلڪ جون هڙئي وڏيون ڌريون مونجهاري وقت کانئس ئي مدد وٺنديون هيون ۽ هُو پنهنجي پيشي جي حوالي سان سڀني جو ڀرجهلو بڻجندو هو. حفيظ پيرزادو نه رُڳو پيپلز پارٽيءَ جي بنياد وجهندڙن مان هو، پر هُن کي 1973 واري آئين جو بانيڪار پڻ سڏيو وڃي ٿو. هُو ٻه ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ کيس اهم وزارتن جا قلمدان پڻ سونپيا ويا. جڏهن ته ضياءَ جي ڪاري دؤر ۾ هُن ڪيتريون ئي صعوبتون به سٺيون. جيل جي سلاخن پُٺيان گهارڻ کان علاوه هُن جلاوطنيءَ کي به ڀوڳيو. هُن کي ذوالفقار علي ڀُٽو جي ويجهن ساٿين سمجهيو ويندو هو. سندن، ذوالفقار علي ڀُٽو جي چيمبر کان شروع ٿيل اِهو ساٿ ڀُٽي جي آخري ساهن تائين قائم رهيو. هُن مُلڪي تاريخ جي ڪيترن ئي اهم ڪيسن ۾ وڪالت ڪئي. ويجهڙائيءَ ۾ 2013 وارين چونڊن جي حوالي سان ڌانڌلين جي ڇنڊڇاڻ بابت موجوده سرڪار پاران ٺاهيل جوڊيشل ڪميشن اڳيان هُن پي ٽي آءِ پاران دليل ڏنا. موت برحق آهي، هر ساهه واري کي اُن جو ذائقو چکڻو هوندو آهي، پر ڪي شخصيتون پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪري وينديون آهن جو مؤت اُنهن کي فقط جسماني طور ئي ماٺو ڪري سگهندو آهي، جڏهن ته اُنهن جون ڪوششون ۽ پورهيو امرت جو ڍُڪ ڀري سدا لاءِ امر ٿي ويندا آهن. عبدالحفيظ جون پڻ اهڙيون ئي ڪوششون هيون ۽ انهيءَ ڪوششن عيوض هُن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سندس وڇوڙي کي اسين قومي نقصان سمجهون ٿا. هُو قانون جي دنيا جو اُهو وهائو تارو هو، جنهن جي وڇوڙي واري وڍ کي ڀرجڻ لاءِ وڏو وقت لڳندو. وڇوڙي واري هن ڏُک ۾ سندس پونئيرن سان اسين پاڻ کي ڀائيوار سمجهون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دُعاگو آهيون ته مالڪ کيس جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *